”پيسا ڏيو ۽ منهنجون خاص وڊيو ڏسو“: نيها شرما نئون ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا نيها شرما سوشل ميڊيا کي ڪمائي جو نئون ذريعو بڻائيندي انسٽاگرام تي ”سبسڪرپشن ماڊل“ متعارف ڪرائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
رپورٽن موجب نيها وٽ هن وقت تقريبن 9178 کان وڌيڪ واهپيدار آهن، جيڪي ان جو خاص مواد ڏسڻ لاءِ ماهوار 290 کان 299 رپيا ادا ڪري رهيا آهن، ان حساب سان نيها رڳو انسٽاگرام سبسڪرپشن مان ماهوار تقريبن 26.6 لک رپيا ڪمائي رهي آهي.
ان جي ان پريميم پيڪيج ۾ 500 کان وڌيڪ خاص اسٽوريون ۽ ڪيترائي خاص ريلز شامل آهن، جيڪي عام فالوئرز لاءِ دستياب ناهن هوندا.
جتي ڪيترائي مداح اداڪارا جي ان نئين طريقي ڪار کي پسند پيا ڪن، اتي ئي وري کوڙ تنقيد به ڪري رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن ان کي ڊجيٽل دور جو نئون بزنس ماڊل قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ”اونلي فينز“ جهڙو قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.