لاهور (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڪنگز جي حنين شاهه چيو ته ميچ ۾ هر رانديگر 100 سيڪڙو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مون به اهو ئي ڪيو، پنهنجي پلان تي عمل ڪيو ۽ الله تعاليٰ عزت سان نوازيو.
پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل ) جي ٻئي ايليمينٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حنين شاهه چيو ته مون پي ايس ايل تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، انجري کانپوءِ واپس اچڻ مشڪل وقت هو، محنت ڪئي ۽ پي ايس ايل کي ٽارگيٽ ڪيو هو.
حنين شاهه چيو ته نسيم شاهه منهنجي ان ڏکئي وقت ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي، گڏوگڏ دٻاءُ ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ بابت ٻڌايو، پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جو جو ڪريڊٽ نسيم شاهه کي ڏيندس.
ميچ بابت هن چيو ته ڇهه رنسون بچائڻ لاءِ ڪپتان سان گهڻي ڳالهه ٻول نه ڪئي، الله تي يقين هو، 6 يارڪر جو ٽارگيٽ هو ۽ ان تحت ئي فيلڊنگ سيٽ ڪئي.
حنين شاهه چيو ته تماشائين جو هجڻ گهڻو ضروري هوندو آهي، هميشه ڪرائوڊ وٽان اتساهه ملندو آهي ۽ مون کي به حوصلو مليو.
هن چيو ته ڪوچ هميشه ٻڌايو ته بالنگ ڪهڙي به ڪريو پر ذهن صاف رکو، مون به ائين ئي ڪيو.
حنين شاهه وڌيڪ چيو ته فائنل ۾ پاڻ کي مارڪ ڪرڻو آهي ته اسان کي بس سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، هڙئي رانديگر ميچ ونر آهن، سڀ سٺو ڪري رهيا آهيون ۽ اڳتي به سٺو ڪرڻو آهي، فائنل لاءِ شين کي سادو رکنداسين.
You might also like