ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
بي سي سي طرفان اعلانيل اسڪواڊ جي قيادت هرمن پريت ڪور ڪندي، سمرتي منڌانا کي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
اسڪواڊ ۾ شيفالي ورما، جيميما روڊريگز، ديپتي شرما، ريچا گھوش (وڪيٽ ڪيپر)، ارونڌتي ريڊي، رينوڪا سنگهه، ڪرانتي گوڙ، شري چراني، شريانڪا پاٽل، ڀارتي فلمالي، ياستيڪا ڀاٽيا (وڪيٽ ڪيپر)، نندني شرما ۽ راڌا يادَو شامل آهن.
آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ ڪجهه نون چهرن کي به موقعو ڏنو ويو آهي ته جيئن ميگا ايونٽ ۾ بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن.