مان شادي لاءِ ٺهي ئي نه هيس پر ڪرن جي محبت ڪنوار بڻجڻ تي مجبور ڪيو: بپاشا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو ڪرن سنگهه گروور سان پنهنجي پهرين ملاقات ۽ شادي جي آڇ جي دلچسپ واقعي تان پردو کڻي ڇڏيو.
تقريبن 10 سال اڳ جڏهن ڪرن کيس پرپوز ڪيو ته هن جو پهريون ردعمل خوشي بدران حيرت ۽ انڪار جو هو.
بپاشا موجب جڏهن ڪرن منڊي ڪڍي ته مان حيران ٿي پڇيو ”تون مون سان شادي ڇو ٿو ڪرڻ چاهين؟ مان ته شادي لاءِ ٺهي ئي ناهيان“، اهو واقعو 2015 جي نئين سال جي شام ٿائلينڊ ۾ پيش آيو هو.
بپاشا ان وقت آتشبازي جي وڊيو ٺاهي رهي هئي ته اوچتو ڪرن منڊي کڻي ڪڍي، اداڪارا ايتري قدر وائڙي ٿي وئي جو سندس هٿ مان فون ڪِري پئي ۽ هوءَ روئڻ لڳي.
بپاشا ٻڌايو ته مان ان خوبصورت رشتي کي ڪو نالو يا ٻنڌڻ ۾ قيد ڪرڻ کان ڊڄندي هيس پر ڪرن جي محبت منهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته بپاشا ۽ ڪرن اپريل 2016 ۾ شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.