جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اڱاري تي ڀٽو ريفرنس جي ڪارروائي کي لائيو نشر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ته اهو بھ تاريخ جو قتل ھوندو ۽ ڀٽي جو ٻيو عدالتي قتل هوندو. قانون جي ڪتابن ۽ عدالتن جي فائلن ۾ ڀٽي جي ڦاھي جي لفظن کي عدالتي قتل جي نالي سان لکڻ يا ان تي ڀٽي جي ڪٽنب جي ڀاتين ۽ قوم کان غير مشروط معافي گھرڻ ڪافي نه ٿيندو ، ھن عدالتي ڪارروائي ۾ سوال اھو نھ آھي تھ ڀٽو جي ڦاھي درست ھئي يا درست نھ ھئي.قانوني گھرجون پوريون ٿيون يا نھ، ڇاڪاڻ ته جنھن ملڪ ۽ ان جي عدالتن تي مڪمل طور فوجي آمر جپ قبضي هجي، تھ انهن عدالتن ۾ قانوني گهرجن جو پورو ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو.
اڄ جي سپريم ڪورٽ آڏو سوال ھي آهي ته هن عدالتي قتل جا ذميوار ڪير ڪير ھئا، جنرل، سياستدان، جج، وڪيل، وزير، اٽارني جنرل، پراسيڪيوٽر، صحافي، سفارتڪار ڪو بھ. اهڙن ڪردارن جو نالو تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ حقير ڪردارن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ ضروري آھي. ان کان علاوه سرڪاري اسڪولن جي نصاب ۾ تاريخي جي درستگي لازمي آهي، آئين جي بچاءَ ۽ ان جي بالادستيءَ جي لاءِ قدمَ سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به اھڙي حڪم جو حصو بنجڻ گهرجن، جيئن تھ ھڪ ھال آف شيم قائم ڪيو وڃي. جنهن ۾ اسان جي تاريخ جي شرمناڪ ڪردارن جو نالو لکي ڪري، انهن جي ڪارن ڪرتوتن کي رڪارڊ تي آندو وڃي، ميوزمن يا عجائب گھرن ۾ اهڙن ججن ۽ جنرلن جون تصويرن انهن جي اصل وحشي ڪردار جي تاريخ سميت آويزان ڪيون وڃن يا انهن جي تصويرن کي ابتو ٽنگيو وڃي.
ٻئي پاسي ڀٽي جو قانوني دفاع ڪندڙ ججن ۽ وڪيلن کي قومي هيروز قرار ڏنو وڃي، ڀٽي صاحب کي وفات بعد ۾ قومي اعزاز سان نوازيو وڃي ۽ قومي سطح تي سندس يادگار تعمير ڪئي وڃي، اھي قدم رياست پاران ان رياستي ۽ عدالتي قتل جو ھڪ پورائوھوندو. جنهن جي نتيجي ۾ قوم ھڪ اھڙي ھيرو کان محروم ٿي وئي،جنھن ھن ملڪ کي متفقھ آئين ڏنو ۽ ان کي ھڪ ايٽمي طاقت بڻائڻ جو بنياد رکيو.
اها سموري عدالتي ڪارروائي لائيو (سڌي ريت) ڏيکاري ويندي ته پوءِ تاريخ جو رڪارڊ درست ٿيندو ۽ اڄ جي نوجوان نسل کي پهريون ڀيرو اھو ڪجھ ڄاڻڻ جو موقعو ملندو، جيڪو اڄ تائين انهن کان لڪايو ويندو رھيو آهي، جيڪڏهن عدالتي ڪارروائي لائيو(سڌي ريت ) نه ڏيکاريي ويندي ته پوءِ انسان سچ انسان کي آزاد ڪندڙ سچ ڪڏھن پڻ مڪمل طور تي سامهون نه اچي سگھندو، ان ڪارروائي دوران اهو سچ نه رڳو وڪيلن کي پر خود سپريم ڪورٽ کي به ڳالهائڻو پوندو
…..Truth will set you free indeed ..
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ھڪ بزرگ وڪيل ايڊووڪيٽ احمد رضا قصوري اڄ به پنھنجي والد جي قتل جو ذميدا ذوالفقار علي ڀٽي کي سمجهندو هوندو، هاڻي 45 سالن کانپوءِ قانوني سوال اهو ناهي ته قتل ڪنهن ڪيو، اڄ جي عدالت جي سامھون قانوني سوال ھي آھن تھ ؛
ڀٽو کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ عدالت ۽ ان تي عمل ڪندڙ رياست جو وجود پاڪستان جي آئين جي مطابق هو يا نه ؟ ايئن ڪندڙ ججن ۽ جنرلن 1973ع جي اصل آئين جي بچاءَ پنھنجي کينل حلف جي پاسداري ڪري رھيا ھئا يا نه ؟جنرل ايوب، جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل مشرف جهڙن فوجي آمرن کي قوم جي مجرمن طور ياد رکڻ گھرجي يا هيروز جيان ؟
جيڪڏهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل عدالتي نون ستارن جي بينچ، ڀٽو مخالف سياسي نون ستارن جي لکيل گمراهه ڪندڙ تاريخ کي پنھنجي فيصلي ۾درست نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ايترو ئي ڪري تھ ڀٽي جي ڳچيءَ ۾ ڦاھي جو ڦندو وجهندڙ اڊيالھ جيل جي مرحوم ملازم تارا مسيح سان گڏ اھڙو ورتاءُ ڪرڻ جوحڪم صادر ڪري جيڪو سلوڪ مرحوم چيف جسٽس وقار سيٺ ،مرحوم جنرل مشرف جي لاءِ تجويز ڪيو ھو.
ڀٽو زنده آهي پر سندس قاتل به جيئرا آهن جيڪي پنهنجي ڪيئي تي شرمندھ بھ ناهين.
جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اڱاري تي ڀٽو ريفرنس جي ڪارروائي کي لائيو نشر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ته اهو بھ تاريخ جو قتل ھوندو ۽ ڀٽي جو ٻيو عدالتي قتل هوندو. قانون جي ڪتابن ۽ عدالتن جي فائلن ۾ ڀٽي جي ڦاھي جي لفظن کي عدالتي قتل جي نالي سان لکڻ يا ان تي ڀٽي جي ڪٽنب جي ڀاتين ۽ قوم کان غير مشروط معافي گھرڻ ڪافي نه ٿيندو ، جيئن تھ ھڪ ھال آف شيم قائم ڪيو وڃي. جنهن ۾ اسان جي تاريخ جي شرمناڪ ڪردارن جو نالو لکي ڪري، انهن جي ڪارن ڪرتوتن کي رڪارڊ تي آندو وڃي، ميوزمن يا عجائب گھرن ۾ اهڙن ججن ۽ جنرلن جون تصويرن انهن جي اصل وحشي ڪردار جي تاريخ سميت آويزان ڪيون وڃن يا انهن جي تصويرن کي ابتو ٽنگيو وڃي.