ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي ياد ۾

ترقي پسند اديب، ڪهاڻيڪار ۽ سوشلسٽ اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ڄڻ هڪ منفرد ديومالائي ڪردار آهي. عالمي شهرت جو مالڪ سوڀو گيانچنداڻي، موهن جي دڙي کان پنج ڪلوميٽر اولهه ۾، صدين کان آباد هڪ ننڍي ڳوٺ ٻِنڊيءَ ۾، 3 مئي 1920ع تي پيدا ٿيو.. 1936ع ۾ سوڀو اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته ديوان ڪرمچند هنڱوراڻي، اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي ويو، جنهن سوڀي کي ڪراچيءَ ۾ گهرائي، اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏني، جتي ڇهون ۽ ستون درجو پڙهيو ۽ 1937ع ۾ (بمبئي يونيورسٽيءَ مان) مئٽرڪ ڪيائين. اين. جي. وي. اسڪول ۾ ئي سوڀي پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي ٻه مضمون هڪ ’ٽئگور‘ بابت ۽ ٻيو ’سوامي رام تيرٿ‘ بابت لکيا هئا. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن 1939ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مـان انٽرمـيڊئيـٽ جو امتحان ڏنو. ڊي. جي. سـنڌ ڪالـيج ۾ سوڀـي جا استاد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٽي. ايم. آڏواڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيوئارٽ، اين. بي. بُٽاڻي، لالسنگهه اجواڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جهڙا وڏا عالم ۽ اديب هئا. هن اتي آرٽس ۾ فلسفي ۽ منطق جا مضمون پڙهيا.

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران مٿس ٽئگور، مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهروءَ جو چڱو اثر ٿي ويو هو ۽ هو اڪثر کاڌيءَ جي قميص، پتلون ۽ مٿي تي کاڌيءَ جي ٽوپي پائيندو هو. ٽئـگـور جي شخصيـت ۽ شاعريءَ کان سوڀـو ايتـرو ته متاثـر هـو، جو هن انٽر آرٽس ڪرڻ بعد فيصلو ڪري ورتو ته هو ٽئگور جو شاگرد بڻجندو. ويتر سندس اسڪول جي دوست ليکي تلسياڻيءَ به شانتينڪيتن مان گرئجوئيشن ڪرڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته هن جي من ۾ شديد خواهش پيدا ٿي ته هو جيترو جلد ٿي سگهي، ٽئگور کي ويجهي کان ڏسي ۽ ساڻس گفتگو ڪري.

ان ڪري 1939ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽيِءَ جي ’شانتينڪيتن ڪاليج‘ ۾ داخلا وٺڻ جو پڪو پهه ڪري پنهنجي هاءِ اسڪول جي اُستاد، ديوان ڪرمچند هنڱوراڻيءَ کان موڪلائڻ ويو ته هن کيس آسيس ڏيندي چيو ته، ”تون هڪ عظيم اُستاد وٽ وڃي رهيو آهين، ڀڳوان تنهنجو درجو اسان کان گهڻو مٿي ڪندو.“ جڏهن سوڀو پهرئين ڏينهن ڪاليج پهتو ته پرنسپال کيس چيو ته، ”تون پهريون شاگرد آهين، جنهن ٽئگور کي ان قسم جو ٽيليگرام موڪليو آهي.“ جڏهن ٽئگور، سوڀي کان تعارف پڇيو ته هن انگريزيءَ ۾ کيس جواب ڏنو: ”I have come from Larkana“، ان تي ٽئگور کيس چيو ته ”From Mohen Jo Daro“، جنهن تي هن هائوڪار ڪئي، ۽ پوءِ ٽئگور کيس هميشه ”Man of Mohen jo Daro“ (موهن جي دڙي جو ماڻهو) سڏيندو هو، يا وري ’شوبو‘! ڪاليج جو پرنسپال انيل چندا به مٿس ڏاڍو مهربان هوندو هو. سوڀي، رابندرناٿ ٽئگور جي ذاتي لائبرريءَ مان به ڪافي فائدو ورتو. ’انگلش لٽرري سرڪل‘ جي مئگزن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جي چونڊ ۾ هو سهڪاري هوندو هو. ان مئگزن ۾ سوڀي جي هڪ انگريزي ڪهاڻي به ڇپي هئي (جيڪا اڳتي هلي، انور پيرزادي ’ڀاڄوڪڙ‘ عنوان سان ترجمو ڪئي ۽ طارق اشرف پنهنجي رسالي ’سهڻيءَ‘ ۾ شايع ڪئي هئي.)

هتي هنديءَ جي وڏي اديب بلراج ساهنيءَ سان به سوڀي جي ويجهڙائپ ٿي. مختلف موقعن توڙي تقريبن دوران سوڀي جي، شانتينڪيتن ۾ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس، چيانگ ڪائي شيڪ ۽ يوسف مهر عليءَ جهڙين ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي. شانتي نڪيتن ۾ ئي سوڀي جو سميندرناٿ ٺاڪر سان واسطو ٿيو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابسته هو. ان کيس پڙهڻ لاءِ ڪيترا ڪتاب ڏنا. سوڀو شانتينڪيتن مان تعليم پوري ڪري جڏهن سنڌ واپس وڃي رهيو هو ته هن ۽ ٻين شاگردن کي سندن انگريز استاد گهرائي پڇيو ته ”اوهان شانتينڪيتن مان ڇا حاصل ڪيو؟“ هر ڪنهن پنـهنـجـو پنهنجـو رايـو ڏنـو، جڏهن سوڀـي جـو وارو آيو ته هن جـواب ڏنـو، ”آءٌ هتي ٻار جي حيثيت ۾ آيو هوس، ۽ ’ماڻهو‘ بڻجي واپس وڃان پيو.“

اهڙيءَ طرح اپريل 1941ع ۾ سوڀو گيانچنداڻي، شانتينڪيتن مان سنڌ موٽيو ته هڪ انقلابي بڻجي موٽيو. سوڀي جي گهرو زندگي بلڪل پُر سڪون ۽ پُر اعتماد رهي. سوڀي جي گهر واري ’ليلان‘ کانئس ست سال ننڍي هئي. چار درجا سنڌي پڙهيل هئي. پر هن سوڀي سان زندگيءَ جي هر موڙ تي ساٿ ڏنو. سوڀي جي قيدن ۽ نظربندين کان ڪڏهن به نه گهٻرائي ۽ سوڀي جي ٻارن جي سهڻي تربيت ڪيائين. شانتينڪيتن جي تعليم پوري ڪري، ڪامريڊ سوڀو جڏهن سنڌ پهتو ته ملڪ ۾ سياسي سرگرميون وڌي چڪيون هيون. مهاتما گانڌيءَ جي ’هريجن‘ رسالي ۾ ڇپجندڙ مضمونن ملڪ ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. ’هندستان خالي ڪريو تحريڪ‘ (Quit India Movement) لاءِ تيزيءَ سان ميدان تيار ٿي رهيو هو.

سوڀي اهڙي گرم سياسي ماحول دوران 1941ع ۾ ايس. اي. شهاڻي لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ وڪالت لاءِ داخلا اچي ورتي، جتي سندس پراڻي دوست ليکي تلسياڻيءَ به داخلا ورتي هئي. گوبند مالهي به سندن ڪلاسي اچي ٿيو ۽ پڙهائيءَ دوران سندس گوبند مالهيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائي ٿي وئي، ٽئي گڏ گهمندا ۽ مطالعو ڪندا هئا. حشو ڪيولراماڻي جيل کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ سوڀي جو دوست بنجي ويو ۽ گڏجي حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيائون. هن ٻه ڏينهن سوڀي جي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ به گذاريا ۽ دنيا ڀر جي ترقي پسند اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سندن تحريڪن تي خوب گفتگو ڪيائون. ان وقت ’سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ حشو ڪيولراماڻيءَ جي اثر هيٺ هئي ۽ هن هر هنڌ شاگردن سان سوڀي جي واقفيت ڪرائي ۽ پوءِ سوڀي کي هن تنظيم جو سيڪريٽري جنرل ڪرايائين. ’سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو سيڪريٽري بنجڻ بعد سوڀي ان کي منظم ڪيو. اسٽڊي سرڪل هلايا ۽ شاگردن کي مارڪسواد، سوشلزم ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙهايا.

1942ع ۾ جڏهن سوڀو وڪالت جي ٻئي سال ۾ پڙهي رهيو هو ته 8 آگسٽ 1942ع تي بمبئيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ’ڪئٽ انڊيا‘ (Quit India) جو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن گانڌي، نهرو، ولڀ ڀائي پٽيل، مولانا آزاد ۽ ٻيا ڪانگريسي اڳواڻ گرفتار ٿي ويا. سنڌ مان به ڪيترا اڳواڻ گرفتار ٿيا. ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ هڙتالون شروع ٿي ويون، سوڀي ڪاليج ۾ هڙتال جي اڳواڻي ڪئي، جنهن دوران گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، آسن اتمچنداڻي (اي. جي. اتم) ۽ ٻيا شاگرد گرفتار ٿي ويا، سوڀي، پوليس جي نظرن کان غائب ٿي، تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ جڳهيون بدلائيندو رهيو. ليکو تلسياڻي ساڻس گڏ هوندو هو. جنوري 1943ع ۾ ميٺارام هاسٽل جي ٽينس ڪورٽ تي جهنڊي جي سلامي ڪرائڻ کان پوءِ، ليڪچر ڏيڻ دوران سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو. حيدرآباد جيل ۾ سوڀي جي مشهور انقلابي ’پرچي وديارٿيءَ‘ سان ملاقات ٿي. اڳتي هلي پرچو وديارٿي ڪراچي جيل بدلي ٿيڻ بعد اتان جيل مان فرار ٿي ويو هو. سوڀي جو هي سياسي طور پهريون دَور هو. سورهن مهينن جي قيد کانپوءِ، جولاءِ 1944ع ۾ سوڀو آزاد ٿيو: آزاديءَ بعد ٻه ٽي ڏينهن ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ اچي وري سياست ۾ سرگرم ٿي ويو.

1945ع ۾ هن ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ باقاعدي شموليت اختيار ڪئي. ان وقت پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل جمال الدين بخاري هو. سوڀو هن شخص کان ڪافي متاثر رهيو آهي. ان ئي زماني ۾ سوڀي جا جي. ايم. سيد سان به تعلقات پيدا ٿيا. کيس جي. ايم. سيد جو اهو جملو اڄ به ياد آهي، جنهن کيس پهرينءَ ملاقات ۾ چيو هو ته، ”توهان ڪميونسٽ ماڻهن جي دماغ کي متاثر ڪريو ٿا، پر آءٌ عام ماڻهن جي جذبن کي متاثر ڪريان ٿو.“ سوڀي کيس وراڻيو هو ته، ”اسان عوام جي دماغن سان گڏ سندن پيٽن کي به متاثر ڪندا آهيون.“

سوڀو هڪ پُختو ۽ بيباڪ ليکڪ هو، ادب کي زندگيءَ جو ترجمان سمجھندڙ. سوڀي 1944ع ۾ جيل کان ٻاهر اچڻ کانپوءِ همعصر اديبن سان گڏجي ’ڪهاڻيون‘ لکيون هيون. هن ’فرينچ رووليوشن‘ ۽ ’ڪميونسٽ مينيفيسٽو‘ جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا هئا. 1957-1958ع ۾ جي. ايم. سيد جي اخبار ’نئين سنڌ‘ جو ايڊيٽر رهيو. 1990ع کان عوامي آواز وغيره ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. ڪيترا سوانحي خاڪا لکيائين. ماهوار ’سوجهري‘ ۾ ’آتم ڪٿا‘ قسطوار چپي. هڪ ڊرامو ’نيپولين جو موت‘ به لکيائين ۽ ڪجهه شاعري به ڪيائين. روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ سوڀي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪيترا خاص نمبر شايع ٿيل آهن. سنڌ جي هن مشهور ترقي پسند اديب، ڪميونسٽ اڳواڻ، وڪيل ۽ ڪهاڻيڪار سوڀي گيانچنداڻي 08 ڊسمبر 2014ع تي وفات ڪئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.