2023 وارو سال پڄاڻي طرف آهي جڏهن ته 2024 وارو سال اميدن آسرن جي نئين روشني سميت جلواگر ٿيندو۔پراڻو سال سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن تي ڳرو ثابت ٿيو جنهن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي۔زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو جو حڪومت وقت زراعت جي واڌاري ۽ ان کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ يا حل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي۔انجو اهو به سبب آڏو آيو ته اتحادي حڪومت جي توجهه مخالفن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بنائڻ ۽ پنهنجي مفاد وارن قانونن ٺاهڻ ۾ لڳل رهي۔ملڪ ۽ عوام کائنس وسري ويو
2023 وارو سال وچولي ۽ ننڍي آبادگار کي ذهني طور مفلوج رکيو جو ڪيميائي ڀاڻ پنهنجي جاء تي انتهائي بلئڪ تي وڪرو ته ٿيو پر اهو به اڻلڀ جيڪو عام آبادگار جي پهچ کان ٻاهر رهيو۔سارين وونئڻن ڪڻڪ جو فصل ته متاثر ٿيو پر ميون ڀاڄين جي پئداوار کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو جنهن سان ننڍو آبادگار وڌ کان وڌ متاثر ٿيو۔روينيو جي ڪامورن وڏن وڏن ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين پنهنجا پيٽ ۽ گودام ته ڀريا پر عام آبادگار جي ڪک ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان رهي۔هن ڏس ۾ زراعت کاتي جا بيوس آفيسر ته معطل ٿيا پر روينيو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جو وار به ونگو نه ٿيو جو انهن ڀاڻ مهيا ڪندڙ ڪمپنينن واپارين ۽ ڊيلرن جي پوري ريت سهولتڪاري ڪئي
2023 وارو سال انهيءَ ڪري به ڳرو رهيو جو آبادگارن کي پوکي لاءِ وقت سر پاڻي ملي نه سگهيو جنهن جا مک ڪارڻ اهي به رهيا جو 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏن سبب تباهه حال ڪئنال شاخون ۽ واٽر ڪورس وقت سر بحال ٿي نه سگهيا ۽ پڇڙي تائين پاڻي نه پهتو۔ٿورو گهڻو جيڪو به پاڻي هو سو به سرڪاري سرپرستي هيٺ رهندڙ وڏيرن وڏن زميندارن ڀوتارن کي مليو انهن استعمال ڪيو جيڪي خوشحال رهيا باقي ڪنگال رهيا پوءِ به چون ته اهي عام ماڻهو عام آبادگار جي خوشحالي جا رکوالا آهن۔حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي ڪا به کوٽ ناهي صرف صحيح انتظام ۽ ورهاست جو فقدان آهي۔ڪئنال شاخون ۽ واٽر ڪورس پڪا ڪريو پاڻي جو زيان بند ٿي ويندو پڇڙي تائين به پاڻي پهچندو۔سنڌ ۾ جيڪي به ريگيوليٽر آهن سي به مدي خارج آهن تن جي مرمت جي به سخت ضررت آهي۔جوهي بئراج تي قائم ڪاري موري ۾ هڪٻئي پويان ٻه گهارا پوڻ ۽ جوهي تعلقي ۾ زرعي بحران به تباهي آڻيندو
2023 وارو سال زراعت ۽ آبادگارن لاءِ انهيءَ ڪري به ڳرو رهيو جو سنڌ ۾ مارڪيٽنگ جو نظام صحيح نه هجڻ ۽ ڪارخانيدارن جي من ماني سبب آبادگارن کي ڪڻڪ سارين ۽ ڦٽين جا اگهه صحيح نه مليا ڪٽوتي وارو چڪر رهيو ۽ پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي ڪافي هنڌن تي خاص ڪري خيرپور ضلعي ۾ ڦٽين جي آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا کين گرفتار ڪري ٿشدد ڪيو ويو جنهن ۾ روينيو ۽ پوليس جا ڪامورا برابر جا سهولتڪار رهيا۔جڏهن هن قسم جون زيادتيون ٿينديون ته آبادگار زراعت طرف ڪيئن لاڙو ڪندا?لازمي آ ته اهي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ بدران زمينون وڪرو ڪري يا غيرآباد رکي لڏپلاڻ ڪندا جنهن سان زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو۔خيرپور جا آبادگار انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن
2023 جو سال آبادگارن لاءِ انهي ڪري به ڳرو رهيو جو هن سال سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نجي زمينن تي والار ٿيندي نظر آئي جنهن سان به آبادگار پريشان حال نظر آيا۔قبضه مافيا ۽ آبادگار دشمن وڏيرن زمينن تي قبضا ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي۔خاص ڪري سنڌ جو ڪاڇو ڪوهستان ۽ ٿر متاثر رهيو آهي جتان جي وڏيرن ۽ روينيو ڪامورن ملي ڀڳت ڪري باهه لڳڻ جا بهانا بڻائي زمينن جو رڪارڊ گم ڪرائي بيوسن جون زرعي زمينون قبضه خورن حوالي ڪري ڇڏيون جنهن تي احتجاج ٿين ٿا۔نيشنل پارٽي ۽ ٻين ڌرين پاران زمينن جي والار خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن ۽ ڪنوينشن ٿيا آهن۔ڪارونجهر جبل کي به هن ئي سال داءُ تي لڳايو ويو۔هن ئي سال سنڌ ۾ زمينن تان قبائلي ٿڪرار ٿيا جن ۾ زرعي پورهيتن جو وڏو انگ مختلف هنڌن تي قتل ٿيو جن ۾ به مقامي وڏيرن ۽ روينيو جي بدنيتي شامل آهي۔