حقيقت پسند ٿجي تھ اھو مڃڻو پوندو تھ افغان مھاجرن جو مسئلو اصل ۾ افغانستان ۾ آيل ھڪ مثبت جي تبديلي جي ردعمل طور پيدا ڪيو ويو ھو.اسي واري ڏھاڪي ۾ ھڪ سگھارو سوشلسٽ بلاڪ دنيا ۾ جمھوري ۽ سوشلسٽ سوچ جو حامي ھو ۽ مثبت تبديلي جو ڀرجھلو ھو.
ان وقت ۾ افغانستان جي اندر آيل تبديلي جي ڪري افغانستان ۾ موجود انتھاپسند قوتن ان جي مخالفت ڪئي.جن کي دنيا جي سامراجي قوتن جي اڳواڻ آمريڪا ھٿيار طور استعمال ڪيو ۽ تڏھوڪي پاڪستان جي جنرل ضيا جي غيرجمھوري حڪومت نھ رڳو ان جي لاءِ پنھنجو ڪلھو ڏنو بلڪھ ان معاملي ۾ سمورا پنھنجا حيلا ۽ وسيلا بھ ڏنا.اھڙي پاليسي جي ڪري انتھاپسند قوتن جو مرڪز بڻيو.جنھن ڪري لڳ ڀڳ 40 سالن کان جاري اھڙي پاليسي سان ملڪ ۾ شدت پسند ۽ انتھاپسند قوتن جي واڌويجهھ ٿي ۽ اھڙي ريت ھي ملڪ انتھا پسندي جو مرڪز بڻجي ويو.ھن وقت جن مھاجرن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جي مھم جاري آھي.سي اھي ئي آھن جيڪي ان دوران، ان بعد ۽ ان جي تسلسل ۾ ايندا رھيا.
افغان مھاجرن جي نيڪالي واري مھم بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي عمران خان جيل مان ھڪ پيغام موڪليو آھي.جنھن ۾ جيڪو ڪجھھ بيان ڪيو ويو آھي ان مان تھ ايئن ئي لڳي ٿو تھ ڄڻ ان اڳوڻي جھاد کي وري ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.بدقسمتي سان پاڪستان ۾ گھڻن ئي معاملن کي حقيقت پسندي جو بدران رڳو عقيدي جي نظر سان ڏسڻ جي جو رواج آھي.ان ۾ رياست جي اڳوڻي پاليسي جو بھ ساڳيو ئي ڏوھ آھي.
اھو درست آھي تھ افعانستان پاڪستان جو ھڪ پاڙيسري ملڪ آھي،پاڪستان ۽ ڪي پي ڪي توڙي بلوچستان صوبي سان لڳندڙ سرحدي علائقن مان ھڪ کان ٻئي ملڪ ڏانھن آمدرفت جو سلسلو جاري رھندو آيو آھي، ان ڪري انھن جا گھڻي رخا لاڳاپا پڻ آھن پر پاڪستان چاليهھ سالن کان افغاني پناھگيرن کي مھمان ڪري رھايو ھو ان دوران ملڪ جي ھر شعبي تي بار بھ پوندو رھيو آھي.ھاڻي ان جو سڌو اثر ملڪ جي معيشت ۽ خود سياسي سماجي زندگيءَ تي پئجي رھيو آھي. جنھن ڪري انھن مھاجرن کي جيڪي غيرقانوني طور ترسيل آھن انھن کي واپس موڪليو پيو وڃي،جنھن بابت منفي ڳالھين کي ھوا ڏيڻ انتھائي غلط عمل آھي.
اھو بلڪل درست ھو تھ ڪڏھن حڪومت انھن افغانين کي پناھگير ڪري ھتي رکيو ھو ان جا ڪي سياسي فائدا پڻ ھوندا پر ھن وقت ھي مسئلو خاصو سنگين ٿي ويو آھي.
ٿور اڳ تائين اتي جو اقتدار وري طالبان وٽ اچي ويو ھو. جنھن بعد افغاني انھن شھرين جو ھتي رھڻ جو ڪو جواز نٿو رھي جيڪي سمجھن پيا تھ اتي غيرملڪي قبضو آھي.جنھن ڪري انھن لاءِ خطرا آھن.
طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ بعد بھ پاڪستان سان لڳندڙ سرحدن وارن علائقن مان وڏي تعداد ۾ غيرقانوني طور افغاني شھري اچي رھيا ھئا،جنھن جو مرڪز وري ڦري ڪراچي ٿئي ٿو.ڪراچي بدامني ڪيس ۾ عدالت چيو ھو تھ شھر ۾ ٿيندڙ ڏوھن ۾ غيرملڪي خاص ڪري افغاني شھري ملوث آھن،پر ان وقت جي حڪومت اھڙي فيصلي بابت رسمي ڌيان بھ نھ ڏنو.جنھن ڪري اھي اتي ئي ترسيل رھيا. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل 6 لک افغان شهرين ويزا ورتيون ۽ باضابطا طور سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيا. حڪومت جو چوڻ آھي تھ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي سندن سفارتخانن جي مدد سان سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو.
عمران خان جيل مان موڪليل هڪ پيغام ۾ جن ڳالھين کي بيان ڪيو ويو آھي انھن ۾ ڪا صداقت نھ آھي، ڇاڪاڻ جو حڪومت پنھنجي ممڪن حد تائين ڪوشش ڪري رھي آھي تھ انھن سمورن شھرين کي عزت سان واپس موڪليو وڃي جيڪي غيرقانوني طور رھيل آھن.ملڪ ۾ اھا مھم سمورن غيرملڪين جي لاءِ آھي پر جئين تھ افغاني شھري وڌيڪ آھن ان ڪري انھن جو ذڪر گھڻو ٿئي ٿو،چيو ٿو وڃي تھ 30 لک افغانين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ عالمي قانون جي بھ پابندي ڪئي پئي وڃي.
ڪيترن ئي افغانين پاڪستان جي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري پاڪستاني شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيا آهن.اھڙو عمل خود بھ ھڪ ڏوھ آھي.ھڪڙي بدقسمتي ھي آھي تھ قانون تي عمل نھ ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي سرڪاري ماڻھون آھن جن لکين افغانين کي پاڪستاني شھري ھجڻ جا ڪاغذ پٽ ڪجھھ رقم عيوض تيار ڪري ڏنا آھن.
حقيقتن مان معلوم ٿي رھيو آھي تھ جڏھن حڪومت جي مھم بھتر نموني ھلي رھي آھي تڏھن سموري معاملي کي ھٿ سان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جنھن جو مقصد مونجھارا پيدا ڪرڻ آھي.عمران خان جي اھڙي پيغام جو مقصد سياسي حمايت وڌائڻ کانسواءِ ڪجھھ ٻيو نھ آھي.عالمي طور تي پاڪستان جيڪي معاھدا ڪيا آھن،ان تي عمل ڪندي ڪافي بھتر رخ ۾ اھاا مھم جاري رکي رھيو آھي.
ھڪ پاسي پي ٽي آءِ پاڻ کي ملڪگير پارٽي قرار ڏئي ڪري سموري ملڪ جي عوام جي ھمدردي ۽ حمات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي تھ ٻئي پاسي اھڙي پاليسي اختيار ڪري ھو سنڌ جي ماڻھن جي خلاف وڃي رھي آھي.
سنڌ جو عوام اڳي ئي ڌارين آبادي جي دٻاءَ جو شڪار آھي، خاص ڪري ڪراچي ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن ضلعن ۾ زمين تي ٿيندڙ قبضن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي اصل مالڪن جي ھٿ مان وسلين کسڪائڻ واري سازشن سنڌ جو عام ماڻھون گھڻو حساس ٿي ويو آھي،ڳچ عرصي کان اھڙي قسم جي رٿابندي ڪري ھن وقت تھ سنڌ ۾ ڊيموگرافي جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي.ان ڪري بھ سنڌ جو ماڻھون حڪومت جي موجود افغان مھاجرن جي بابت پاليسي جي حمايت ڪري رھيو آھي.وقت بوقت مخلتف ملڪن مان مان تڙجي آيلن کي سنڌ ۾ ھڪ رٿابندي سان آباد ڪيو ويو،جنھن ڪري مقامي ماڻھن ھاڻي ھر اھڙي ڪوشش تي ڇرڪي رھيو آھي.ڌارين خاص ڪري غيرملڪين ۾ پڻ افغاني شھرين جي آباديءَ وڏو دٻاءَ سنڌ جي مٿان پئجي رھيو آھي.
ھر حساس معاملي کي رڳو سياسي حمايت جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڪنھن بھ ريت عقلمندي نھ آھي، پي ٽي آءِ، جي ليڊر جو جيل مان موڪليل پيغام پڻ اھڙي ئي ھڪ سياسي ھمدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آھي. جيڪڏھن پاڪستان تحريڪ ان پاليسي تي قائم رھي تھ اھا سنڌ ۾ موجود ٿوري گھڻي حمايت بھ وڃائي وھندي.
دنيا جي سمورن مذھبن توڙي معياري قانون ۾ ڌرتيءَ جي مالڪن جو پھروين حق ھوندو آھي، ان ڪري ان جي بابت اھڙي قسم جي سوچ ۽ فڪر جي آڙ ۾ ڪيل ڪوشش غلط عمل آھي.جنھن جي ڪا وڏي حمايت نھ ملي سگھندي.
عمران خان جيل مان موڪليل هڪ پيغام ۾ جن ڳالھين کي بيان ڪيو ويو آھي انھن ۾ ڪا صداقت نھ آھي، ڇاڪاڻ جو حڪومت پنھنجي ممڪن حد تائين ڪوشش ڪري رھي آھي تھ انھن سمورن شھرين کي عزت سان واپس موڪليو وڃي جيڪي غيرقانوني طور رھيل آھن.ملڪ ۾ اھا مھم سمورن غيرملڪين جي لاءِ آھي پر جئين تھ افغاني شھري وڌيڪ آھن ان ڪري انھن جو ذڪر گھڻو ٿئي ٿو،چيو ٿو وڃي تھ 30 لک افغانين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ عالمي قانون جي بھ پابندي ڪئي پئي وڃي.