پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جيل مان ھڪ بيان جاري ڪندي چيو آھي، ته افغان پناھ گيرن سان ٿيندڙ ورتاءُ دين اسلام، قرآن، سنت رسول ۽ اسان جي معاشرتي قدرن جي خلاف آھي.لڏپلاڻ يعني ھجرت ڪرڻ کي اسلام ۾ خاص اھميت حاصل آھي، حضرت موسي عليه اسلام، حضرت ابراھيم عليه اسلام ۽ حضرت محمد صلي اللّه عليه وسلم سميت ٻين اللّه جي نبين پڻ ھجرت ڪئي. جنگ کان متاثر ٿيندڙ ۽ مصيبت ۾ اسان وٽ پناھ وٺندڙ افغان پناھگيرن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ اسان تي فرض آھي. افغانستان اسلامي ملڪ ۽ اسان جو پاڙيسري آھي، ٻنھي ملڪن جا ماڻھون ھڪ ٻئي سان صدين کان ڳنڍيل آھن،قومن لاءِ پنھنجا پاڙيسري بدلائڻ ممڪن ناھي ھوندو، ڏکئي وقت ۾ اسان کي ھڪ ٻئي جي مدد جي ضرورت پئجي ويندي آھي، پاڪستان چاليھ سالن تائين افغان پناھگيرن جي مدد ڪئي، ان خدمت کي ايئن جھٽ ۾ ضايع نه ڪرڻ گھرجي، پاڪستان جي عوام تي افغان پناھ گير بار ناھن. افغان پناھگيرن ۾ اڪثريت غريبن جي آھي. ان پوري معاملي کي احتياط ۽ دانشمندي سان اڪلايو وڃي. ناقص حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ٻنھي ملڪن ۾ ويڇا وڌندا ۽ پوري افغان قوم ۾ نفرت ۽ منفي جذبا پيدا ٿيندا، ۽ مستقبل ۾ ان جا خراب نتيجا نڪرندا. افغان پناھ گيرن کي رڍن ۽ ٻڪرين جيان ڪاھڻ وارو سلسلو بند ڪري ان لاءِ عزت وارو رستو تلاش ڪيو وڃي.
سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان حڪومت آخر اھو ڪھڙو قدم کنيو آھي، جيڪو بقول عمران خان جي ته روحِ اسلام جي خلاف آھي؟ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته موجوده دور ۾ مذھب جي بنياد تي سڀ کان وڌيڪ سعودي عرب ڪمائي ٿو، پر اتي به ڪنھن غير ملڪي کي غير قانوني رھڻ نٿو ڏنو وڃي، غير قانونين کي پڪڙي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ سندن پاسپورٽ وغيره ضبط ڪري مٿن ٻيھر سعودي عرب اچڻ تي پنج کان ڏھ سالن تائين پابندي مڙھي وڃي ٿي، جڏھن ته اھي ماڻھو نه ته ڪنھن تخريبي سرگرمي ۾ ملوث ھوندا آھن ۽ نه ئي وري اتي ڪا جائداد وغيره خريد ڪري مستقل رھائش اختيار ڪندا آھن، اھي ماڻھو يا ته مذھبي فرض ادا ڪرڻ جي ارادي يا محنت مزدوري لاءِ روپوش ٿي ويندا آھن.
ياد رھي ته اھي ماڻھو دنيا جي ڪنھن به ملڪ مان سعودي عرب ويندا آھن ته قانوني گھرجون پوريون ڪري ويندا آھن، جنھن جو رڪارڊ سعودي حڪومت وٽ ھوندو آھي، جيڪي ويزا ۾ مقرر ٿيل وقت تي واپس پنھنجي پنھنجي ڏيهھ ناھن ورندا ۽ سعودي عرب ۾ روپوش ٿي ويندا آھن، جن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌو ويندو آھي ۽ ان کان پوءِ کين واپس ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته پاڪستان ۾ افغان پناھ گيرن جي اڪثريت غير قانوني طور آيل آھي، جن پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺھرائي ورتا ۽ ٻين ملڪن ۾ جھيڙو فساد ڪري ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ لڳا. ويجھڙ ۾ سعودي عرب ٻارنھن سئو افغانين جي فھرست پاڪستاني قونصل خاني جي حوالي ڪئي، جن وٽ پاڪستان جو جعلي پاسپورٽ ھو ۽ اھي ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوٽ ھئا.ڊالر، منشيات ۽ ھٿيارن جي اسمگلنگ کان ويندي غير ملڪي قتل و غارت گيري ۾ به ملوث رھيا آھن، ان ڳالهھ جي تصديق پوليس جا اعلي علمدار پڻ ڪري چڪا آھن، جيڪو رڪارڊ تي موجود آھي.
وفاقي حڪومت غير ملڪين کي ڪڍڻ لاءِ تڪڙ مان ڪو به ڪم ناھي ورتو، کين ھر ھر الٽيميٽم ڏيڻ سان گڏ ھڪ مھيني جي مھلت به ڏني وئي ھئي، جيڪا ختم ٿيڻ کان پوءِ به افغان پناھ گيرن سميت ٻيا لکين غير ملڪي ملڪ ۾ موجود آھن. جيڪي به افغان پناھ گير واپس ويا آھن، اھي عزت ۽ خيريت سان ويا آھن، جنھن جو ڪريڊٽ نگران حڪومت ڏانھن وڃي ٿو. عمران خان پنھنجي بيان ۾ وڌيڪ اھو به چيو آھي ته افغان پناھ گير پاڪستان جي عوام تي بار ناھن، ڀلا لکين غير قانوني افغان پناھ گير بار ڪيئن نه آھن؟ غير قانوني مھاجرن جو بار ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ملڪ به برداشت ڪري نٿا سگھن، جن جي معيشت انتھائي مضبوط آھي، يورپي ملڪ ته غير قانوني پناھ گيرن کان ايتري قدر بيزار آھن جو اھي پناھ گيرن سان ڀريل ٻيڙا به سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيندا آھن، يا مٿن سڌي فائرنگ ڪري کين اڦٽ ماري ڇڏيندا آھن، ته پوءِ ڀلا پاڪستان جھڙو معاشي ڪمزور ملڪ انھن لکين غير قانوني پناھگيرن جو بار ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگھي؟
غير قانوني پناھگيرن سان ھمدردي ملڪ ۽ قوم دشمني جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ پاڪستان جو عوام ڏسي رھيو آھي ته ڪھڙا ڪھڙا سياستدان ملڪ ۽ قوم دوست آھن ۽ اھو پنھنجو آخري ۽ حتمي فيصلو ايندڙ چونڊن ۾ ڪندو ۽ اسان پڻ افغان پناھ گيرن جي حمايت ۾ جيل مان موڪليل پيغام جي مذمت ڪريون ٿا.