صحافين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي غلفت نه ڪئي ويندي: احمد شاهه

ڪراچي ( رپورٽ : ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي نگران سڌ سماءُ واري وزير ۽ پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه ۽ ڪراچي جي  ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي پريس ڪلب ۾ عبدالمجيد خان ورزش ۽ راندين جي ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، نائب صدر مشتاق سهيل، سيڪريٽري شعيب احمد، جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان، خزانچي احتشام پاشا، گورننگ باڊي جا ميمبر شمس ڪيريو، ذوالفقار راڄپر، فاروق سميع، رفيق بشير ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس جو سيڪريٽري طاهر صديقي ۽ ٻيا صحافي موجود هئا. افتتاح بعد صوبائي وزير ورزش ۽ راندين جي ڪمپليڪس جو دورو ڪيو . تقريب کي خطاب ڪندي  سنڌ جي نگران سڌ سماءُ جي وزير  محمد احمد شاهه چيو بيمار صحافين جي لاءِ هنگامي طور استعمال ٿيندڙ فنڊ 57 لک روپيا موجود آهن، جيڪڏهن ڪنهن به صحافي کي هنگامي ضرورت پوندي ته علاج ۾ غفلت نه ڪئي ويندي هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جو هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو ميمبرن جي جسماني صحت لاءِ ورزش ۽ راندين جي هن ڪمپليڪس جي تعمير آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته  ڪراچي پريس ڪلب کي جيڪا عزت اڄ حاصل ٿي آهي ان جا ٻه سبب آهن، هڪ ته هن جم جي نالي تي رکيل راندين جي صحافت جو وڏو نالو عبدالماجد خان  ۽ ان جو افتتاح ڪندڙ شخص ثقافت، ادب ۾ سالن کان خدمت ڪندڙ، ڪلب جو ويجهو ساٿي احمد محمد شاهه آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ملڪ جي واحد پريس ڪلب آهي، جتي عورتن جي ڪمپليڪس بعد مرد صحافين جي جسماني صحت ۽ راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪمپليڪس جي تعمير مڪمل ڪئي آهي. تقريب ۾ ڪراچي پريس ڪلب طرفان محمد احمد شاهه، مسٽر سنڌ سعيد جميل، طاهر صديقي کي ڪلب جون يادگار شيلڊ ڏنيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.