وڏي وزير طرفان پورٽ گرانڊ ڪراچي ۾ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول جو افتتاح

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ثقافت کاتي پاران منعقد پورٽ گرائونڊ ڪراچي ۾ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول 2023 جو افتتاح ڪيو، وڏي وزير جي پهچڻ تي وزير ثقافت جنيد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم راڻا حسين، وزير اطلاعات احمد شاهه، سيڪريٽري ثقافت خالد چاچڙ سندس آجيان ڪندي گل، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي، جسٽس باقر فيسٽيول ۾ لڳل مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو اتي اسٽالن تي موجود شهرين سان مليو، فيسٽيول بابت پڇيو جنهن تي شهرين واکاڻ ڪئي، شهرين وڏي وزير سان سيلفيون ورتيون ۽ تصويرون پڻ ڪڍيون ۽ وڏي وزير فيملين سان گڏ آيل ٻارڙن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو، وڏي وزير سنڌ جي سڃاڻپ ”اوطاق“ جو دورو ڪيو، اتي ويهي منتظمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ ويٺل وزير ثقافت کي فيسٽيول جي انعقاد تي ساراهيندي چيو ته سنڌ ثقافت کاتي پاران هر سال سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول منعقد ڪرڻ سٺو سنوئڻ آهي جنهن ۾ سنڌ جي روايتن ۽ هنرمندن کي پنهنجون صلاحيتون مڃرائڻ ۽ مختلف دستڪاري کي مارڪيٽ تائين رسائي جو موقعو ملندو آهي.  نگران صوبائي وزير ثقافت چيو ته سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول ۾ سڄي سنڌ جا 70 کان وڌيڪ فنڪار پنهنجي هٿ جي هنر کي نمائش لاءِ پيش ڪيو آهي جن ۾ اجرڪ، سنڌي ٽوپي، ڪاشي، اٽو پيهڻ وارو جنڊ، ڀَرت، کجيءَ جي پنن مان ٺهيل هينڊي ڪرافٽس، چمڙي جا بوٽ، حيدرآبادي چوڙيون، گج، رلي، مٽيءَ جا ٿانوَ، موهن جي دڙي جا نقش، خيما، هٿ جا ڌاتوءَ وغيره شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.