اسان کي ڪرپشن کي پاڙن مان ڪڍي اڇلائڻو پوندو: گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گورنر هائوس ۾ نيب پاران منعقد ڪيل سيمينار ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت  مختار، نيب چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر شاهده جميل، معروف مذهبي اسڪالر مولانا بشير فاروقي، فيصل ايڌي، صارم برني، بهروز سبزواري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي بدعنواني  کان پاڪ سماج لاءِ پرعزم رهڻو آھي، ڪرپشن سماج ۽ ملڪ جي معيشت کي سخت متاثر ڪندي آھي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي هڪ مضبوط ۽ فلاحي رياست چاهيون ٿا، اسان کي ڪرپشن کي پاڙن مان ڪڍي اڇلائڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته نيب شعور، روڪٿام ۽ انفورسمنٽ جي ٽن رخي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ماڻھو سان نه پر قوم سان اڳتي وڌندو آهي، اڄ اسان ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هتي گڏ ٿيا آهيون، پر افسوس سان چوڻو ٿو ٿو پئي ته ملڪ جي آزادي جي 76 سالن کانپوءِ به اسان اتي ئي بيٺا آھيون، هن چيو ته اسان مان هر هڪ کي پنهنجي ذميواري جو جواب ڏيڻو پوندو، ڊڄ کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آھي، دنيا ڪٿي پهچي چڪي آهي، پر اسان اڄ به ٻن بلين ڊالرن جي قرض ملڻ تي خوشيون ملهائي رهيا آهيون، هر صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، اسان هتان جي تياري نه ڪري رهيا آهيون۔ جتي سڀني کي وڃڻو آھي، اسان کي هڪ ٻئي جو مسيحا ٿيڻو پوندو.

جيل کاتي جي جونيئر عملدارن کي 18 گريڊ جي چارج ملي وئي

ڪراچي (رپورٽ : جي ايم کوکر) نگران سرڪار جيل کاتي جي 17 گريڊ جي جونيئر عملدارن کي 18 گريڊ جي چارج ڏئي ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل جيل خيرپور جي سپريٽنڊنٽ نبي علي ٻانڀڻ کان نوشهروفيروز ضلعي جيل جي لُڪ آفٽر چارج واپس وٺي ڊي ايس پي عبدالقدير پليجو کي نوشهروفيروز جي سپريٽنڊنٽ  جي چارج سنڀالڻ جو حڪم  ڏنو ويو آهي، اهڙي طرح ڊي ايس پي مظهر علي بيهڻ کي سانگهڙ جيل جي سپريٽنڊنٽ جي لُڪ آفٽر چارج حوالي ڪئي وئي ،ڊي ايس پي عصمت الله ٻرڙو کي سپريٽنڊنٽ شهيد بينظير آباد جيل جي چارج ڏني وئي، ڊي ايس پي ابوبڪر منگي گهوٽڪي جيل جي سپريٽنڊنٽ واري چارج سنڀالڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،مقرر ٿيلن بابت گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ سرڪار طرفان سنڌ ۾ 32 مختيارڪارن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار پوري سنڌ ۾ 32 مختيارڪارن جون بدليون ۽ مقرريون ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، گهوٽڪي جي ڳوٺ آباد مختيارڪار محمد اسلم شر مٺي ۾ مقرر ڪندي اتان علي نواز سومرو کي هٽائي رپورٽ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 6

ڪرايو ويو آهي، اهڙي طرح مختيار علي عالماڻي کي مٽياري مان بدلي ڪري هالا ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، مٺي مان مختيارڪار رميش ڪمار کي بدلي ڪري جهڏي ۾ مقرر اتان حميد الله رند کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، شهدادپور جي مختيارڪار سميع الله جمالي کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، ڏييلي جي مختيارڪار محمد عاشق ٽالپر کي بدلي ڪري ماتلي مقرر ڪري اتان شيراز علي پنهور کي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، اهڙي طرح آصف علي سومرو، محمد وسيم لاشاري، محمد علي چنا عبدالمجيد خاصخيلي، فرحان علي جتوئي، زاهد حسين ابڙو، عبدالغفور ميمڻ، زوهيب حسين ميمڻ، افتخار علي نهڙيو، طفيل احمد پتافي ۽ ٻين جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.