سنڌ سرڪار پرڏيهين جي نيڪالي ۾ ناڪام، رڳو فنڊز جاري ڪيا ويا

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) وفاقي سرڪار طرفان ملڪ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي نيڪالي واري الٽيميٽم کي هڪ مهيني کان وڌيڪ گذرڻ باوجود سنڌ جي نگران حڪومت غير قانوني پرڏيهين جي  نيڪالي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، ذريعن موجب سنڌ حڪومت پاران گذريل هڪ مهيني کان غير ملڪين جي نيڪالي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جا اپاءُ ناهي ورتو جڏهن ته ڪابينا ذريعي غير قانون رهندڙ جي نيڪالي واري پلان تي صرف فنڊ جاري ڪرڻ کانسواءِ ڪا به چرپر نه ڪئي آهي. ٻئي پاسي غير قانوني پرڏيهين جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءَ نگران سنڌ سرڪار 6 نومبر 2023 تي مختص ڪيل 4 ارب 57 ڪروڙ روپين مان پهرين قسط 35 ڪروڙ 83 لک 80 هزار روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪي 29 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي کي جاري ڪيا ويا آهن، جاري فنڊ مان سڀ کان وڌيڪ جيڪب آباد ضلعي کي 17 ڪروڙ 20 لک جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي نمبر تي بلوچستان کي ڪراچي سان جوڙيندڙ ضلعي ڪياماڙي کي 6 ڪروڙ 50 لک روپيا ڏنا ويا آهن جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ضلعي ڪياماڙي جي علائقي ۾ غير قانوني پرڏيهين جي موجودگي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي اهڙي طرح 4 ڪروڙ روپيا ڪراچي جي ٻئي ضلعي اولهه کي ڏنا ويا آهن ٽئين نمبر تي 3ڪروڙ روپيا ضلعي اوڀر کي ڏنا ويا آهن، چوٿين نمبر تي ڪراچي سينٽرل کي ڏهه لک، سائوٿ کي 20 لک، ملير کي 30 لک ،ڪورنگي کي 30 لک،ڄام شورو کي 10 لک 50 هزار، بدين کي 19 لک،مٽياري کي 2 لک 20 هزار، ٺٽو کي 7 لک 20 هزار، ٽنڊوالهيار کي 2 لک 50 هزار، دادو کي 3 لک 30 هزار، شهيد بينظير آباد کي 55 لک، نوشهروفيروز کي 43 لک 30 هزار، سانگهڙ کي 88 لک 40 هزار، ميرپورخاص کي 8 لک 20 هزار، عمر ڪوٽ کي 13 لک 80 هزار، ٿرپارڪر کي 10 لک،سکر کي 23 لک 40 هزار، گهوٽڪي کي 25 لک 40 هزار، خيرپور ميرس کي 26 لک 30 هزار، لاڙڪاڻو کي 16 لک 10 هزار، شڪارپور کي 20 لک 40 هزار، قمر شهدادڪوٽ کي 18 لک ۽ ڪشمور کي 22 لک 90 هزار روپيا جاري ڪيا ويا آهن جاري ڪيل پيسا ڊپٽي ڪمشنر جي هيڊ آف اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي ويا آهن.

غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي اسان لاءِ وڏو چيئلنج آهي: ڪميٽي سربراهه

ڪراچي ( رپورٽر ) پرڏيهين جي نيڪالي بابت ڪميٽي جي سربراهه ۽ سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو چيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي اسان لاءَ وڏو چيئلنج آهي، قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن  سان پرڏيهين جي نيڪالي بابت جلد گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي، اهڙيون ڳالهيون  پرڏيهين جي نيڪالي بابت قائم اعلي سطح ڪميٽي جي سربراهه ۽ سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيون. محمد علي کوسو وڌيڪ چيو ته ساڍا چار ارب روپيا پرڏيهين جي نيڪالي  لاءَ رکيا آهن دير ضرور ٿي سگهي ٿي پر نا ممڪن نه ٿيندو، غير قانوني رهندڙ ڪنهن کي به نه ڇڏبو.

سنڌ مان پرڏيهين جي واپسي تي4 ارب 57 ڪروڙ 69 لک 43 هزار روپيا خرچ ڪيا ويندا

ڪراچي (رپورٽر )  سنڌ سرڪار طرفان غيرقانوني  پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ”فري پيڪج“ متعارف ڪرائي ڇڏيوآهي. غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي نيڪالي جا سمورا خرچ سنڌ سرڪار پاڻ برداشت ڪندي ان لاءَ سنڌ سرڪار طرفان 7 نومبر 2023 تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس مان غير ملڪين جي سنڌ مان واپسي لاءَ 4 ارب 57 ڪروڙ 69 لک 43 هزار روپيا منظور ڪيا اهي پيسا غيرملڪين جي واپسي تي خرچ ڪيا ويندا. غير قانوني رهندڙ کي پڪڙي هڪ ٽينٽ سٽي رکيو ويندو جتي گاڏين ۾ کڻي انهن کي ڪراچي آندو ويندو ان دوران انهن جي کاڌ خوراڪ سميت تمام خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي جتان ٽولن جي صورت ۾ غيرملڪين کي ڪراچي کان چمن بارڊر تائين خاص طور تي ٽرين ذريعي روانو ڪيو ويندو ان  حوالي سان  نگران سنڌ حڪومت وفاق کي هڪ خط لکي چڪي آهي جنهن ۾ سنڌ اندر غير قانوني رهندڙ پرڏيهين  جي واپسي لاءَ سستي ٽرين جو جو بندوبست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ قائم ڪميٽين ٻوٽو نه ٻاريو

ڪراچي ( رپورٽر )  غير قانوني طور تي رهندڙن  پرڏيهين جي نيڪالي لاءَ سنڌ حڪومت طرفان 10 نومبر 2023 تي سمورن ڪمشنرن کي خط لکي  غير قانوني پرڏيهين جي واپسي بابت ڪميٽيون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو، اهڙي طرح 14 نومبر 2023 تي سروس جنرل ايڊمنسٽريٽيو کاتي جي سيڪريٽري محمد علي کوسو پاران مٿين سطح جي 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪميٽي جو چئرمين سيڪريٽري جي اي جڏهن ته سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتي کي ميمبرز طور تي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جو ڪم غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جي نگراني ڪرڻ ۽ جاري فنڊ توڙي خرچن کي شفاف بڻائڻ لاءَ نگراني ڪرڻ هوندو، اهڙي طرح ضلعي سطح تي هيٺين سطح لاءِ 15 نومبر 2023 تي 29 ضلعن ۾ سب ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي سطح تي قائم سب ڪميٽي جو سربراهه ڊويزنل ڪمشنر هوندو اهڙي طرح ضلعي سطح تي قائم ڪميٽين جي نگراني ڊپٽي ڪمشنر ڪندو ۽ سموري ضلعن جا اي سي ون ميمبر طور تي شامل هوندا قائم ٿيل سب ڪميٽين جو ڪم غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي واپسي کي يقيني بڻائڻ آهي ۽ ڪميٽي کي اهو به اختيار حاصل هوندو ته اها خرچن جي واڌ بابت گهربل خرچ جو مطالبو ڪري سگهي ان سان گڏ ڪميٽي غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي گرفتاري ۽ واپسي جا انتظام ڪندي.

غير قانوني، پرڏيهين ۽ ڏوهارين سان ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي:ڊي آءِ جي اوڀر

ڪراچي (رپورٽر ) ڊي آءِ جي اوڀر غلام اظفر مهيسر چيو آهي ته غير قانوني، پرڏيهين ۽ ڏوهارين سان ڪا به سودي بازي نه ڪئي ويندي،  اوڀر ضلعي ۾ ڏوهارين ۽ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف سرچ آپريشن سرچ آپريشن غير قانوني پرڏيهين ۽ ڏوهاري عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو، سرچ آپريشن ۾ عورت پوليس سميت 200 پوليس اهلڪارن ۽ اهلڪارن حصو ورتو، سچل ٿاڻي جي حد، شاپر پلازه، ابو اصفهاني روڊ جي ڀرپاسي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، هن چيو تهآپريشن دوران گهرن، دڪانن، هوٽلن ۽ ٻين بند ڪيل شڪي جاين جي تلاشي ورتي پئي وڃي، انهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي ته جيئن شڪي ۽ ڏوهاري عنصرن جي نشاندهي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.