سنيها جوتي جو دل جي دوري سبب موت ٿيو:پرنسپال رخسار شاهاڻي

 خيرپور (ڊ ر) ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي ھاسٽل ۾ فوت ٿي ويل ميڊيڪل جي شاگردياڻي سنيھا جوتي جي معاملي تي ميڊيڪل  ڪاليج خيرپور جي پرنسپل رخسار شاھاڻي اھم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنيھا جوتي آخري سال جي ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي هئي، سنيھا جوتي جو تعلق ڏھرڪي سان ھو سنيھا جوتي ھڪ تمام گهڻي ھوشيار سلجهيل ۽ سندس جو تعلق عزت واري گھراڻي سان آهي، اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ته هوءَ اسان ۾ ناهي رهي، شاگردياڻي جي خاندان سان هر ڏک ۾ گڏ آهيون، ان جي وارثن سان هر سهڪار ڪنداسين، هن چيو ته شاگردياڻي ٻڌايو ته سنيھا ۽ اسان ويٺا هئاسين ته هن جون اوچتو اکيون مٿي ٿي ويون ۽ ساهه منجهڻ لڳو ۽ بيهوش ٿي ڪري پئي، شاگردياني کي اسپتال آندو ويو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هن کي دل جو دورو پيو آهي، هي طبي موت آهي، سنيها جي وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ۽ انهن پاڻ لکي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.