حيدرآباد ۾ جسقم پاران مرڪ جان واقعي خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ناري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مرڪ جان پيرزادو جي موت واقعي جي الزام هيٺ آيل  جوابدار سيف جتوئي جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڪ جان پيرزادو جي پي جان محمد پيرزادو، جسقم اڳواڻ ديدار شام، منور شيخ، نواب بڙدي، سهيل ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هنن چيو ته حيدرآباد پوليس مرڪ جان واقعي جي جوابدار کي 23 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪري سگهي آھي، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آھي ايس ايس پي حيدرآباد مرڪ جان واقعي جي ذميوار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آھي، جوابدار ايڏو هوشيار ۽ بااثر جو حيدرآباد پوليس جي اکين مرچ وجهي ڪورٽ پهچي وڃي ٿو ۽ هن کي ضمانت ڪرائڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ عدالت مان ضمانت ڪرائي آساني سان نڪري وڃي ٿو، مرڪ واقعي کي 23 ڏينهن گذري ويا پر ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيو ۽ ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته مرڪ جان واقعي جي ذميوار يوسف جتوئي جي ضمانت رد ڪري پوليس حوالي ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.