مرڪ جان جو موت ڪيئن ٿيو؟ ماڊل ڪورٽ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي

حيدرآباد(رپورٽر) جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جي مبينا قتل واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار سيف الرحمان جتوئي جي ضمانت واري درخواست  تي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر ھڪ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران مرڪ جان پيرزادو جي ڌر جي طرفان وڪيل مير احمد مڱريو عدالت ۾ پيش ٿي وڪالت نامو جمع ڪرايو ۽ تاريخ لاءِ استدعا ڪئي، عدالت ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي وقت جوابدار سيف الرحمان، شفيق جتوئي ۽ مرڪ جان جو والد جان محمد ۽ چاچو حڪيم قريشي، جسقم اڳواڻ ديدار شام ۽ ٻيا عدالت ۾ موجود هئا.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين آغا سهيل عهدي تان فارغ

ڪراچي ( رپورٽر )  صوبائي حڪومت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (ايس ٽي بي) جي چيئرمين آغا سهيل کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل کي عهدي تان هٽائڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب آغا سهيل کي ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ ڪرپشن جي الزامن تي عهدي تان هٽايو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب آغا سهيل تي درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ ڪرپشن جو الزام هو جڏهن ته کيس تعليم کاتي پاران غير قانوني ٽينڊرز جاري ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. چيئرمين آغا سهيل کي عهدي تان هٽائڻ بعد گريڊ 20 جي اختر بگٽي کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين جي اضافي چارج ڏني وئي آهي.

خديجه شاهه جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور ( م ڊ )  لاهور هاءِ ڪورٽ فيشن ڊزائينر خديجه شاهه جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه جي مڙس جهانزيب  امين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي گهرو سيڪريٽري ميان شڪيل، اسپيشل سيڪريٽري فضل الرحمان عدالت ۾ پيش ٿيا. خديجه شاهه جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 15 نومبر تي ڊي سي لاهور خديجه شاهه جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. حڪومت کي جيڪو حلفي بيان گهرجي اهو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. خديجه شاهه کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. گهرو سيڪريٽري عدالت کي چيو ته هي جيڪو به حلفي بيان ڏيڻ چاهين ٿا اهو ڏين، آئون حڪومتي ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيندس. حڪومتي ڪميٽي جو ان تي جيڪو فيصلو ايندو ته انهن کي آگاهه ڪيو ويندو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.