خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تشدد بعد فوت ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس واري معاملي جي ٻُڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوليس پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد فوت ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي مُک جوابدارن پير اسد شاھ پير فياض شاھ بي بي حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي کي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد بيدرديءَ سان قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو جي والدين ماءُ شبنم ڦرڙو والد نديم ڦرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو عدالت تي يقين آهي ته نياڻي سان انصاف ٿيندو، نياڻيءَ جي قاتلن سان ڪڏهن به ٺاھ نه ڪنداسين، ٺاھ لاءِ پريشان ڪيو پيو وڃي، فائرنگ ڪرڻ به ان جي ڪڙي آهي، نياڻي جي والد نديم ڦرڙو جو چوڻ هو ته جوابدارن جي ماڻھن پاران منهنجي ڀاءُ تي دٻاءُ وڌو ويو آهي ته هو ٺاهه ڪرائي پر ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، فاطمه ڪيس جي وڪيل ناياب شاھ جو چوڻ هو ته جوبدارن تي وڌيڪ 2 ڪيس ٻيا به آهن جيڪي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلي رهيا آهن اسان درخواست عدالت کي ڏني آهي ته اهي گڏ هلايا وڃن جنهن ڪري عدالت ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.