سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي ۽ هاري پورهيت تحريڪ جا مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ خلاف ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسللي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ ادارن ۽ عسڪري ادارن حوالي ڪرڻ خلاف بخشل ٿلھو، ڪامريڊ لطيف لغاري، ڪامريڊ بلال ناغڙ، جاويد راڄپر، ڪامريڊ وڀايو ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي سنڌ جون زمينون ليز ڪرڻ، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ۽ مھانگائي خلاف صوبائي سيڪريٽري سينگار نوناري، ناري جمھوري محاذ جي اڳواڻ فوزيا سينگار نوناري، پ پ شھيد ڀٽو جي يوسف پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ ادارن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي سنڌ جي صدر فيض ڪيريو ۽ عوامي ورڪرز پارٽي سڪرنڊ جي خالد سولنگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي مختلف رستن تان ٿيندي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي پهتي، جتي سخت نعريبازي ڪندي مظاهرو ڪيو ويو، ريلين، ڌرڻن ۽ احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي بخشل ٿلھو، ڪامريڊ لطيف لغاري، ڪامريڊ بلال ناغڙ، جاويد راڄپر، سينگار نوناري، ناري جمھوري محاذ جي اڳواڻ فوزيا سينگار نوناري ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي بمبئي بيڪري جو ڪيڪ سمجهي ڪٽيو ۽ کاڌو پيو وڃي، سنڌ جون زمينون ليز ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي سموريون زمينون غريب ھارين کي ڏنيون وڃن، ھارين جا حق بحال ڪيا وڃن، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ بنا دير ختم ڪري سستي اگهه تي ڀاڻ ڏنو وڃي، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ختم ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، سنڌ جون زرخيز زمينون مختلف ادارن کي ڏنيون پيون وڃن، سنڌ جا اڌ کان وڌيڪ ماڻھو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، برساتن ۽ ڪورونا سبب ماڻھو بي گهر بڻيل آهن، سنڌ جون زمينون غريب هارين کي ڏنيون وڃن، بي گهر ماڻھن کي گهر ٺھرائي ڏنا وڃن. نقلي ٻجن ۽  زرعي دوائن تي پابندي مڙھي وڃي ۽ زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني قدم کڻي هارين ۽ آبادگارن کي سستي اگھ تي ڀاڻ مهيا ڪيو وڃي.

ملڪ جون زمينون غير ملڪين کي ڏيڻ سان خطرناڪ اثر پوندا: امداد قاضي

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آھي تھ غير ملڪي سرمائي جا نوان  منصوبا، نيون فيڪٽريون ۽ مِلون  لڳائڻ بجاءِ پهريان کان موجود اثاثا غير ملڪين کي وڪرو ڪري ڏيڻ وارن ملڪ وڪري لاءِ وارين پاليسي کي اختيار ڪرڻ وارا، پاڪستان کي بيحد خطرناڪ قسم جي بيٺڪيتي چڪر ۾ ڦاسائڻ وڃي رهيا آهن، پنھنجي جاري بيان ۾ ھن چيو تھ ملڪ جون زمينون غير ملڪين کي ڏيڻ سان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته اهي قوتون جنرل ايوب کان وٺي اڄ تائين پاڪستان کي غير ملڪين جي قبضي هيٺ رکڻ وارين پاليسين کي جاري رکيو پيا اچن، پاڪستاني رياست مٿان مستقل حاڪميت قائم رکڻ وارين قوتن ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته سندن پاليسين مان ڪنهن هڪ مان به ملڪ کي ڪو فائدو رسيو آهي؟ فائدي بجاءِ ويتر ملڪ تباھ ۽ برباد ٿيو آهي، اوڀر پاڪستان جو بنگلاديش بڻجڻ، ملڪي ادارن جو برباد ٿيڻ، سياست ۾ ٻه نمبري، بدعنواني ۽ ملڪ جو قرضن ۾ ڦاسي پوڻ، هي سڀ انهن پاليسين جو نتيجو ئي آهي، سنڌ توڙي پاڪستان جو عوام زمينن جي نيلامي هرگز ٿيڻ نه ڏيندو، 16 نومبر جي گهوٽڪي ۾ هاري ڪانفرنس ۾ اهڙي عمل خلاف قرارداد پاس ڪري ان منصوبي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، سنڌ جي وڪيلن پاران اڄ ڪراچي ۾ احتجاج جي ڪميونسٽ پارٽي نه رڳو حمايت ٿي ڪري، پر ان ۾ ڀرپور شرڪت به ڪندي.

فلاحي زمين جي ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ منتقلي رد

اسلام آباد (م ڊ) فلاحي زمين جي ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ منتقلي خلاف داخل نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون.  جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 11 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي.سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ رهائشي زمين جي ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ منتقلي ڪالعدم قرار ڏني هئي.

نگران ڪابينا سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏئي قانون اورانگهيو:قانوني ماهر

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ناميارن وڪيلن، سنڌ جي نگران ڪابينا پاران 52 ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سگھارن ادارن کي ليز تي ڏيڻ واري عمل کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آھي ته قانون موجب ايتري زمين ليز تي ڏيڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت کي بھ ناھي، پر ڪو به مينڊيٽ نه رکندڙ نگران صوبائي ڪابينا قانون کي بلڊوز ڪري سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون ليز تي ڏئي ڇڏيون آھن، لينڊ  گرانٽ پاليسي تحت 16 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڪنھن کي نٿي ڏئي سگھجي، سنڌ جي زمين تي رڳو ان علائقي جي مقامي ھاري جو حق آھي، باقي ڪنھن به ڪمپني يا اداري کي ھڪ ايڪڙ به زمين ليز تي ڏيڻ جي اجازت ناھي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالھائيندي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر ۽ نامياري وڪيل يوسف لغاري چيو ته سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون ليز ڏيڻ وارو سڄو عمل غير قانوني آهي، ايتري زمين ڪنهن به ڪمپني يا اداري کي ليز تي ڏيڻ جو اختيار ھنگامي حالتن ۾ چونڊيل حڪومت کي به ناهي ته پوءِ هن نگران حڪومت ڪيئن زمين ليز تي ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ جي زمين ليز تي ڏيڻ وارو سمورو عمل لينڊ گرانٽ پاليسي جي خلاف ورزي آهي، ان ڪري سنڌ جي نگران حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي. هن تجويز ڏيندي چيو ته سنڌ جي زمينن جي نيلامي کي روڪڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سڄي کي متحرڪ ڪجي، ان سازش کي عوامي ردعمل جي ذريعي ناڪام ڪجي، باقي هن ملڪ جي عدالتن جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، عوامي ردعمل ئي واحد رستو آھي. قانوندان شبير شر ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت پاران سگهارن ادارن کي سنڌ جي 52 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ليز تي ڏيڻ وارو عمل مڪمل طور تي غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، نگران سنڌ حڪومت جو اهو ڪم ئي ناهي ڇو ته کين ڪو به مينڊيٽ ناهي مليل، سنڌ جو نگران وڏو وزير نااهل آهي، جيڪو پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي لاءِ ويٺو آهي، اردو ڳالهائيندڙ سمجهي سندس مٿان اعتماد ڪيو، پر هن جي هيٺيان هلندڙ سڄي ڪابينا ئي سنڌ دشمن نڪتي آهي، موجوده سنڌ جي نگران ڪابينا جي نگراني ۾ ٿيندڙ چونڊون به تڪراري ثابت ٿينديون. هن چيو ته سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1976ع جي تحت هزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ مڪمل طور تي غير قانوني آهي، لينڊ گرانٽ پاليسي تحت زمين رڳو مقامي بي زمين هاري کي ڏئي سگهجي ٿي اها به 16 ايڪڙن کان وڌيڪ نٿي ڏئي سگهجي، جڏهن ته ڪنهن به ڪمپني کي زمين جو هڪ فٽ به ليز تي نٿو ڏئي سگهجي، قانون موجب ڪنهن به ڌاري کي به زمين ڏيڻ جي اجازت ناھي، سگهارن ادارن جي هٿ هيٺ هڪ ڪمپني کي هزارين ايڪڙ زمين ڏيڻ قانون کي بلڊوز ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي زمين جي مالڪي جي لاءِ مزاحمت ڪرڻي پوندي. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊئي پنھنجي فيسبڪ وال تي لکيو آھي ته وڪيل برادري جا پيارا ڀائرو ۽ پاڪستان، سنڌ بار ڪائونسل جا معزز ميمبر، جيئن ته اوھين سڀ ڄاڻون ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 245 مطابق ڪنھن به سگھاري اداري، ان جي ماتحت يا منسلڪ کاتن توڙي آفيسرن وٽ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ جي شروعات ۽ پاليسي ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني مينڊيٽ نه آهي. سنڌ صوبي جي ھزارين ايڪڙ زرعي زمين ساڳي اداري حوالي ڪرڻ جو معاملو نگران وزارتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪُجھ شرطن تحت منظور ڪيل فيصلن تي مشتمل آهي، جوائنٽ وينچر معاهدو ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ سموري پيش رفت جن ۾ پاڪستان جي سگھاري اداري جي حق ۾ سنڌ جي زمين جي منظوري يا منتقلي شامل آهي سا غير قانوني ۽ غير آئيني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.