ماڇڪي ۾ مچايل  ماتم، قبيلائي جهيڙن اڳيان ڪمزور نظر ايندڙ قانون !

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

سنڌ پنجاب جي دنگ واري علائقي ماڇڪو ۾ گذريل ٻه ڏينهن اڳ شر سيلرا، ڪوش ۽ سولنگي برادري جي ماڻھن ۾ ٿيل اوچتي ويڙهاند ڪيترا ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن، سنڌَ ۾ قبيلائي جهيڙا ته روز جو معمول بڻجي ويا آهن پر هن خوني راند قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ساک کي به پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ قانون صرف ڪمزور ماڻھن مٿان لاڳو ڪيو ويندو رهيو آهي شايد هي تاريخ جو پهريون قبيلائي جهيڙو ٿيو آهي جنهن ۾  چار قبيلن جا ماڻھون آمهون سامهون آهن  جهيڙو انهن علائقن ۾َ ٿيو آهي.

رپورٽن مطابق پوليس ايمبولينسن ۾ لاش پڻ اسپتالن تائين پهچايا ويا کين لاشن جو ڪير ڪانڌي ٿيڻ وارو نه هو، چند ڪلاڪن جي خوني ويڙهاند انهن علائقن کي وانا وزيرستان بڻائي ڇڏيو تيرنهن ڄڻن کي گولين جو کاڄ بڻجندي اسان جي قانون  لاڳو ڪندڙ  ادارن ۽ پوليس کي ڪا ڪهل نه پئي آئي جهيڙيندڙ ڌُرين هڪ ٻئي ته خطرناڪ ۽ جديد هٿيارن سان ايترا ته خوفائتا حملا ڪيا جو لڱ ڪانڊارجي ويا آھن ڄڻ ڪنهن ٻن دشمن ملڪن جي هڪ ٻئي ۾ جنگ ڇِڙي پئي آهي ويڙھ وارن هنڌن تي صرف ڀڙڪندڙ باه جا خوفناڪ منظر نظر آيا.

ڏسجي ٿو ته هن خطرناڪ ويڙھاند ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي تماشو ڏسڻو هو جيڪڏھن قانون کي انهن قبيلائين جي رحم ڪرم تي ايئن ڇڏيو ويندو رهيو ته ايندڙ نسلن جو ڇا ٿيندو ڇا قانون سان لاڳاپيل آفيسرن کي صرف پنهنجون پگهارون کڻڻيون آهن انهن کي جن انسانن جي تحفظ ۽حفاظت لاءِ  محافظ بڻايو ويو آهي انهن قيمتي جانين جو قانون جي رکوالن کي ڪابه ڳڻتي ڪونهي جو هو ويڙھن جا ويڙها ويران ڏسڻَ چاهين ٿا، معصوم ٻارن، عورتن، ڀائرن، ڀينرن ونين کان ور ڇڄندي ڏسندا رهندا آخر ڪيستائين اهو سلسلو، قانون پنهنجي لاپرواهي جومظاهرو ڪيستائين ڪندوهن وقت سنڌَ ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ نسلن جا نسل ويڙھن جا ويڙها ويران ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ڪا وستي واهڻ يا ڳوٺ ناهي جيڪو قبيلائي جھيڙي کان متاثر ناهي  آخر هن رت جي راند کي بند ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟.

سنڌ ۾َ هڪ طرف سرداري نظام عوام مٿان مسلط ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي  جنهن قانون ۽ پوليس کي عوام جو خادم ۽ محافظ بڻجڻ گهرجي اڄ اسان جي پوليس ۽ قانون انهن سردارن جو نوڪر ۽ غلام بڻجي ويو آهي سنڌ اندر لاقانونيت جو راڄ قائم ڪري قانون پوليس ۽ سردارن گڏجي سنڌ جي تباهي جو ڄڻَ ٺيڪو کنيو آهي سنڌ صوفين بزرگن اوليائن جو ديس آهي جتي هميشه پيار محبت جي پرچار جو درس ڏنو وڃي ٿو پر هن وقت سنڌ جي امن ۾ خلل وجهڻ ۾ وڏو هٿ سياست، ۽ سردارن جي غلام بڻيل قانون جو آهي جيڪو اهڙن واقعن ۾ ملوث هٿن ۽ سردارن خلاف ڪارروائين لاءِ  قطعي طور تيار ناهي ڏٺو ويو، جنهن علائقن ۾ قبيلائي جهيڙا هلي رهيا آهن انهن وٽ ايترا جديد ۽ خطرناڪ هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪڏھن به انهن علائقن ۾ڪاروائيون نه ڪيون آهن جيڪڏھن انهن غيرقانوني هٿيارن جي خلاف آپريشن ڪيو وڃي ته سڀ پول پڌرا ٿي ويندا.

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن وارن علائقن ۾ وڏي پئماني تي خطرناڪ ۽ جديد هٿيار موجود آهن پر افسوس جو اهي هٿيار سنڌ پنجاب جي بارڊر وارن علائقن کان ڪراس ڪيئن ٿين ٿا ۽ انهن ڏوهارين کي اهڙا جنگي هٿيار ڪير ٿو پهچائي جتان پوليس جون وڏيون چوڪيون لڳل هجن ٿيون، قبيلائي ڌُرين وٽ انهن هٿيارن جو پهچڻَ ۽ پهچائڻ ئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نااهلي آهي هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ذميوارن خلاف جيڪڏھن ڪاروائيون ٿين ته سنڌ ۾ ڪُجھه  حد تائين ٺاپر ٿي سگهي ٿي پر جتي اسانجو قانون ڏوهن کي ڪاروبار ۽ ڪمائي جو وسيلو بڻائي ته پوءِ  بس ماڇڪي جهڙن وارداتن کان سنڌ کي ڪير به بچائي نٿو سگهي.

سو انتظاميه ماڻھن جي جانين ۽َ مال جي تحفظ خاطر قانون کي قبيلائي جهيڙن اڳيان ايترو به ڪمزور نه بڻائي جيئن ماڻهون انصاف ۽ عدالت جو دروازو کڙڪائڻَ بدران  پنهنجا فيصلا پاڻَ ڪرڻَ تي مجبور ٿئي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ  لاءِ   اعلي سطح کان ڪاروايون ڪري سنڌ کي حقيقي امن جو گهوارو بڻائي

 

اسانجو قانون ڏوهن کي ڪاروبار ۽ ڪمائي جو وسيلو بڻائي ته پوءِ  بس ماڇڪي جهڙن وارداتن کان سنڌ کي ڪير به بچائي نٿو سگهي. سو انتظاميه ماڻھن جي جانين ۽َ مال جي تحفظ خاطر قانون کي قبيلائي جهيڙن اڳيان ايترو به ڪمزور نه بڻائي جيئن ماڻهون انصاف ۽ عدالت جو دروازو کڙڪائڻَ بدران  پنهنجا فيصلا پاڻَ ڪرڻَ تي مجبور ٿئي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ  لاءِ   اعلي سطح کان ڪاروايون ڪري سنڌ کي حقيقي امن جو گهوارو بڻائي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.