لاڙ جي خطي ۾روس جي رياستن سائيبريا کان هزارين ميل منزلون ڪري پرديسي پکي موسم جي ٿڌاڻ جوسڪون حاصل ڪرڻ لاءِ چار مهينا هتان جي ڍنڍن ڍورن ۾ عارضي آشيانا جوڙيندا آهن .هن معصوم پکين جي هر سال نسل ڪشي ٿيڻ ڪري اڳي کان گهڻو تعداد گهٽجندو اچي ۽ پکي جيڪي هن خطي محبتي ماڻهن جو ديس سمجهي اچن ٿا پر کين اها خبر نه آهي ته هاڻي لاڙ جي انهن ماڻهن ۾ ڪجهه ماڻهو سندس ويري ٿي ويا آهن جيڪي سندن آمد کان اڳ ڦاسائڻ لاءِ ڦندا.واٽن تي وڇائي ويٺل آهن کين اها به خبر نه آهي ته سندس تحفظ ڪرڻ واري کاتي جا ماڻهو به لالچن تي وڪامجي ويا آهن جيڪي پنهنجي فرض جي شناسي جي رقم وٺي خاموش آهن جيڪي پنهنجي فرض شناسي ڏيکارڻ لاءِ انهي شڪاري کي پڪڙين ٿا جيڪو سندن کيسو گرم نٿو ڪري جنهن کي پنهنجي قانوني پورائي ڪرڻ لاءَ پڪڙين ٿا باقي جيڪي هر مهيني ڏيتي ليتي ڪن ٿاانهن سان هنن جو دوستاڻو رويو هوندو آهي، شڪارين سان مختلف ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن معصوم پکين کي ڪهڙي خبر ته توهان جي پهچڻ کان اڳ ئي توهان جي جانين جون قيمتون لڳي چڪيون آهن. توهان جي هر نسل جي مارين الڳ الڳ قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي. توهان جي عارضي آشيانن لاڙ جي پٽي جي ڍنڍن ڍورن ۾ توهان جي آمد تي اوهان جي ويرن ۾وڏي سرهائي آڻي ڇڏي آهي.
ٺٽي ضلعن جي ڏاکڻي پٽي جي ڍنڍن ڍورن تي اوهان جي قاتلن پنهنجا ٿاڪ ٺاهي ورتا آهن ۽ اوهان جوڍنڍن ۾ لهندي بندوقن جي ٺڪائن ڇيرن سان آجيان ڪئي ويندي ۽ بندوقن ۽ ڄارن کان سواءِ هن وقت هتان جي مارين توهان کي دوکي سان ڦاسائڻ جو نئون طريقو به هٿ ڪري ورتو آهي توهان معصوم آهيو هن جديد اٽڪلن کي ڪونه ٿا سمجهو هن وقت سائنس جي ترقي جديد طريقي سان ايم پي ٿري جي ميموري ڪارڊ۾توهان جي نسل جي پکين جا آواز رڪاڊ ڪري توهان جا ماري اهو ايم پي ٿري جو آواز کولي انهي رڇ جي هڪ ڪاٺ ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا . توهان انهيءَ آواز تي پنهنجي نسل واري پکين جو آواز ٻڌي اتي اچي لهي رڇن ۾ ڦاسي پوندا آهيو ڇو جو توهان معصوم آهيو .. ٻئي طرف توهان جا ڪيترا پکي بندوقن جي ڌڪ لڳڻ شرط مري وڃن ٿا يا اپاهج ٿي وڃن ٿا.جن پکين ۾ توهان جا ڪيترا پکي نيرڳي .ٿرانڊو. آڙي.چيغلو. ڊگوش.لاکي ڄاڃي.ڪونج. ڪيڻاٺي.هنجرسميت ڪيترا ناياب پکي توهان جي نسل جا آهن جو هن وقت وڏي بي دردي سان توهان جي نسل ڪشي وڏي عروج تي پهتل.