ھنري ڪسنجر جو لاڏاڻو : تاريخ جو تڪراري ۽  بااثر  پرڏيھي وزير رهيو

آمريڪا جو مشھور ۽ تڪراري پرڏيھي وزير ھنري ڪسجنر ھڪ سئو ورھين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. ھن پرڏيھي شعبي ۾ ’حقيقت پسنديءَ‘ جي حامي جي حيثيت ۾ امن جو نوبل انعام بھ حاصل ڪيو ھو پر مٿس جنگي ڏوھن سبب  تنقيد  بھ ٿيندي رھي.آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار جي حيثيت سان هن سياسي بحران جي حل لاءِ ڳالهين جي پاليسي تي عمل ڪيو، جنهن سان  چين ۽ سوويت يونين جا لاڳاپا بهتر ٿيا ھئا.سندس ’شٽل ڊپلوميسي‘ 1973ع جي عرب اسرائيلي تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽  پيرس امن  ڳالھين  بعد معاهدو ٿيو.جنھن سان آمريڪا ويٽنام جي ”ڇرڪائيندڙ خواب“ مان  نڪرڻ  ۾ ڪامياب ٿيو.

جتي هنري ڪسنجر جا حامي کيس هڪ  ”حقيقي سياسي“ شخصيت قرار ڏين ٿا،اتي   ھن جا نقاد  ھن جي ڪجهه عملن کي ’غير اخلاقي‘ قرار ڏين ٿا. هن مٿان چلي جي ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ لاءِ خوني بغاوت جي  حمايت ۽ ارجنٽائن جي فوج پاران پنھنجي  ئي ملڪ  جي ماڻهن  خلاف ”ڊرٽي وار“ تي  اکيون ٻوٽي رکڻ جو الزام بھ آھي.

ھنيز الفريڊ ڪسنجر 27  مئي 1923 تي جرمن رياست باواريا ۾  هڪ وچولي طبقي جي يهودي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو.هن جو خاندان نازي ظلم کان بچڻ لاءِ جرمنيءَ کان آمريڪا آيو ۽ 1938ع ۾ نيويارڪ ۾ جرمن يهودي ڪميونٽي ۾ شامل ٿي ويو.

ھوءَ بنيادي طور ھڪ شرميلو نوجوان هو، رات جي وقت  اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ ڏينهن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو.حالتن موجب ھو  فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو.سندس  صلاحيتن مان فوجي انٽيليجنس فائدو ورتو.

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران، ڪسنجر جرمنيءَ جي هڪ قبضي واري شهر جي ’بلج جي جنگ‘ جو انتظام سنڀاليو ھو ۽ جنگ جي پڄاڻيءَ تي ھو ڪاوئنٽر انٽيليجنس ۾ شامل ٿي ويو. 23 سالن جي  ڪسنجر نازين جي ڳجھي پوليس گسٽاپ جي اڳوڻي آفيسرن کي پڪرڻ واري  ٽيم جو ليڊر ٿيو.

آمريڪا واپسي تي  هن هارورڊ  مان پوليٽيڪل سائنس جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي.  1957ع  ۾  ”ايٽمي جنگ ۽ پرڏيهي پاليسي“ نالي  ھن جو هڪ ڪتاب شايع ٿيو، جنهن ۾ اهو دليل ڏنو ويو ته محدود پيماني تي ايٽمي جنگ کٽي سگهجي ٿي.ڪتاب جي ڪري  هنري ڪسنجر جي شھرت جو ھڪ وڏو سفر شروع ٿيو.

ھنري جو  ’ننڍي ائٽمي جنگ‘ جو نظريو اڃا پڻ خاصو مقبول آھي.هو نيويارڪ جي گورنر ۽ صدارتي اميدوار نيلسن راڪ فيلر جو مددگار ٿيو ۽ جڏهن رچرڊ نڪسن 1968ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو ته هنري ڪسنجر کي قومي سلامتي جي صلاحڪار جي عهدي جي آڇ ڪئي وئي.نسڪن ھن تي يقين تھ ڪندو ھو پر ڪڏھن ڪڏھن شڪ بھ ٿيندو ھوس.سرد جنگ پنهنجي عروج تي هئي، آمريڪي فوجون  ويٽنام ۾ موجود هيون ۽ روس تازو پراگ تي حملو ڪيو ھو، پر ان ھوندي صدر نڪسن ۽ ڪسنجر، سوويت يونين سان ڇڪتاڻ گھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايٽمي هٿيارن گهٽائڻ بابت ڳالهيون شروع ڪيون.

ان سان چين آمريڪي لاڳاپا بهتر ٿيا ۽ سوويت يونين جي قيادت تي سفارتي دٻاءُ پيو. ڪسنجر جي ڪوششن جي ڪري، نڪسن 1972 ۾ چين جو تاريخي دورو ڪيو ۽ زو اين لاءِ ۽ مائو زي تنگ سان ملاقات ڪئي.

اھري دوري سان آمريڪا ۽ چين جي ۾ 23 سالن کان جاري سفارتي ڇڪتاڻ ختم ٿي.”عزت سان گڏ  امن “ نڪسن جو چونڊن جو وعدو ھو. جنھن مان ڪسنجر نتيجو ورتو تھ آمريڪي فوجي جي فتوحات بي معنيٰ آھن.ا ن سان اھڙي سياسي حقيقت کي حاصل نٿو ڪري سگھجي.جيڪو آمريڪا جي نڪرڻ  جو سبب بڻجي سگھي.

ھن اتر ڪوريا سان ڳالھين جي شروعات ڪئي پر نڪسن سان بھ ان ڳالھھ تي اتفاق ڪيو تھ غيرجانبدار ڪموڊيا تي ڳجھي بمباري ڪئي وڃي جيئن ڪميونسٽس جي فوج ۽ ٻي سپلاءِ کان محروم ڪري سگھجي.ان پاليسي سان 50 ھزار شهري قتل ٿيا.ڪمبوڊيا ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيو.

پئرس ۾ ويٽنامي ڪانگريس سان ڳالهين دوران پرڏيھي وزير جي حيثيت ۾ ڪسنجر  ڏکڻ ويٽنام مان آمريڪي فوجن جي واپسي تي بحث ڪيو.ان تي کيس ۽ لي ڊڪ ٿوڪو کي نوبل امن انعام ڏنو ويو، جنهن تي شديد تنقيد ٿي. لي ڊڪ ٿو اھو  انعام نھ ورتو پر ڪِسنجر اهو انعام قبول ڪيو ۽ سموري آمدني جنگ ۾ فوت ٿيل آمريڪي سپاهين جي ٻارن لاءِ عطيو ڪئي.

ڪسنجر جي شٽل ڊپلوميسي سان  1973ع  بعد عرب اسرائيل جنگبندي ٿي.وائيٽ هائوس جي ڳجهي ٽيپنگ سسٽم تي اسرائيلي وزيراعظم گولڊا ميئر طرفان صدر نڪسن ۽ ڪسنجر جو شڪريو ادا ڪرڻ جي رڪارڊنگ سامھون اچي وئي.جنھن سان ڪسنجر جي شخصيت جو هڪ اونداهو پاسو پڌرو ٿي ويو.

آمريڪا ۾ 9/11 کان بعد آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش کيس حملن جي جاچ لاءِ مقرر ڪيو، پر هن پنهنجي صلاحڪار جي ڪلائنٽ لسٽ ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ مفادن جي ٽڪراءَ وارن سوالن جي جواب ڏيڻ جي ھڪ هفتي اندر  استعفيٰ ڏئي ڇڏي.ڪسنجر صدر بش ۽ نائب صدر ڊڪ چني سان ملاقات ڪئي ۽ عراق تي 2003 جي حملي لاءِ پاليسي تي صلاح ڏني. ڪسنجر کين ٻڌايو ته ”بغاوت تي فتح حاصل ڪرڻ واحد حڪمت عملي آهي.“

2017ع  جي آمريڪي چونڊن کان پوءِ هميشه کان بااثر ڪسنجر صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پرڏيهي معاملن تي بريفنگ ڏني ۽ ٻين تجويزن سان گڏ کيس روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ڪريميا جو الحاق قبول ڪرڻ جي صلاح ڏني.روس جي حملي کان بعد ڪسنجر زور ڀريو ته يوڪرين کي جنگ بعد نيٽو ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.هنري ڪسنجر هڪ ڳالهه ڏاڍي شدت  سان چوندو هو ته ”طاقت  شھوت وارو کاڌو آهي“

گذريل صديءَ دوران دنيا ۾ ٿيندڙ وڏن واقعن ۾ ڪسنجر هڪ اهم شخصيت هو.ڪيترن ئي ماڻهن جي نفرت  باوجود هن ڪڏهن به آمريڪي مفادن جو دفاع ڪرڻ کان معذرت نه ڪئي آهي.ڪسنجر هڪ ڀيري چيو هو ته جيڪو ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ اخلاقيات جو مطالبو ڪري ٿو، اهو نه ته ڪمال حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سلامتي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.