فيض احمد فيض ترقي پسند تحريڪ جي بانين ۾ شمار ٿئي ٿو: انعام نديم

ڪراچي (رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران جاري سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي ٻئي ڏينھن اردو نظم بابت سيشن ۾  موجوده دور جي اردو شاعرن ۽ نقادن ماضي جي عظيم شاعرن جي زندگين ۽ سندن لکيل نظمن تي تفصيلي روشني وڌي، معروف شاعر ميراجي جي ادبي خدمتن تي ڳالھائيندي رخسانه صبا جو چوڻ ھو ته ميراجي نه صرف پاڻ يادگار نظم لکيا پر اولهھ جي شاعرن جي نظمن جا ترجما ڪري پڙھندڙن کي اولهھ جي شاعرن کان واقف ڪيو، ناليواري شاعر فيض احمد فيض جي شاعري ۽ نظم نگاري تي ڳالھائيندي انعام نديم چيو ته فيض اھڙو انقلابي شاعر ھو جيڪو زماني جي ڏک درد کي نظم جي شڪل ۾ بيان ڪرڻ جو ھنر ڄاڻيندو ھو. فيض جي شاعري رومانس ۽ سماج جو احاطو ڪري ٿي ، ھو ترقي پسند تحريڪ جي بانين ۾ شمار ٿئي ٿو. نظم جي بي مثال شاعر عزيز حامد مدني جي ادبي خدمتن بابت فھيم شناس ڪاظمي ڳالھائيندي چيو ته عزيز مدني جي شاعراڻي نگاھه تمام پري تائين ھئي، ھو اردو جي پهرين صف جي نقادن منجھان ھو. معروف شاعر اختر الايمان جي شاعري ته ڳالھائيندي فراست رضوي چيو ته اخترالايمان شاعر سان گڏ ايوارڊ ماڻيندڙ مڪالما نگار پڻ ھو سندس لکيل نظمن ۾ وقت جو ڪردار اھم نظر اچي ٿو ، ھن سرمائيداراڻي نظام خلاف به نظم لکيا. نامور نقاد اورنگزيب نيازي ساحر لڌيانوي جي زندگي ۽ شاعري تي ڳالھائيندي چيو ته ماضي جي تلخ تجربن ۽ واقعن جو عڪس ساحر جي شاعري ۾ نظر اچي ٿو مظلوم جو آواز ساحر جي شاعري جو بنيادي محور آھي. معروف شاعرن مجيد امجد ۽ ساقي فاروقي جي شاعري تي ناصر عباس روشني وجھندي چيو ته ساقيء شاعري ۾ جدا رستو اختيار ڪندي فرضي ڪردارن کي پنھنجي نظمن جو موضوع بڻايو  جڏھن ته مجيد جي نظمن ۾ ھڙاپا ۽ سنڌ ڌرتي جي تھذيبن جو جو ذڪر ڪيو. معروف شاعره فھميدا رياض جي شاعري تي ڳالھائيندي افضال احمد سيد جو چوڻ ھئو ته فھيداریاض جو شمار وڏي درجي جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. آخر ۾ ويھڪ جي صدارت ڪندڙ شاعره ڪشور ناهيد چيو ته اردو نظم جي شاعرن سان سندس وڏيون يادون واڳيل آھن. انھن سمورن شاعرن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿي. ھن سيشن جي نظامت جا فرض رخسانه صبا ادا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.