ميان نوازشريف ايندڙ چونڊن ۾ پنھنجي سياسي جماعت جي ڪاميابي جي صورت ۾ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو فيصلو اڃان تائين نھ ڪيو آھي.ن ليگ اڳواڻ ۽ ميان نواز شريف جي هڪ ويجهي ساٿي دي نيوز کي ٻڌايو آهي ته نواز شريف پنهنجي پارٽي جي ٻئي سطح جي قيادت سان اهڙي قسم جي ڪنھن بھ ارادي جو اظهار ناهي ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شريف خاندان وچ ۾ اهڙو ڪو فيصلو ٿيو آهي ته ان بابت پارٽي جي اڪثر اڳواڻن کي خبر ناهي، پر اهو به چيو پيو وڃي ته مسلم ليگ ن هڪ سياسي پارٽي جي حيثيت سان چاھي ٿي تھ نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ گھرجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ جو نعرو اختيار ڪري ورتو آهي. ان بابت وڌيڪ اھو بھ چوڻ آهي ته 2017ع ۾ نوازشريف کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائندڙ ماڻهن لاءِ اھو ھڪ سھڻو انتقام ھوندو.
انھن حلقن وڌيڪ چيو ته پارٽي نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائيندي ۽ پوءِ اهو ان تي ڇڏيل هوندو ته اهو ڪنهن بھ وقت استعيفيٰ ڏئي ۽ ڪنهن ٻئي کي چيف ايگزيڪيوٽو نامزد ڪري ڇڏي.ذريعن جي دعويٰ ھئي تھ ن ليگ کي پهرين مرحلي (فيز ون) جو مڪمل يقين آھي يعني نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻو آهي. ٻيو مرحلو (فيز ٽو) مڪمل طور تي نواز شريف جو فيصلو هوندو ته هو استعيفيٰ ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري ٿو يا نٿو ڪري.
بھرحال ان ڏس ۾ آزاد ذريعن کي يقين نه آهي ته مسلم ليگ (ن)جي اليڪشن ۾ کٽڻ جي صورت ۾ نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم بڻجندو. ڪيترن ئي ماڻهن کي يقين نه آهي ته نواز شريف آخر ڪهڙو فيصلو ڪندو.
جڏھن تھ مسلم ليگ (ن) ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن کي پڪ ناهي ته نواز شريف جو ڇا ٿيندو يا وري اهو تھ بيانيئو ان ڪري جوڙيو ويو آھي تھ ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) وڌکان وڌ ووٽرن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي سگھي.
وزيراعظم جي عهدي لاءِ ميان نواز شريف جي پسند جي حوالي سان شهباز شريف ۽ مريم نواز جا نالا سامهون اچي رهيا آهن. ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آهي ته تجربي نھ ھئڻ ۽ ڪجهه حلقن وٽ قبول جوڳي نھ ھئڻ ڪري مريم نواز شايد وزيراعظم نه بڻجي سگهندي. مريم کي شايد پنجاب ۾ ڪا ذميواريون ڏئي سگھجي ٿي.شهباز کي اھو فائدو حاصل آهي ھن وٽ تجربو پڻ آھي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ جي ڪوشش ناھي ڪندو ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي ھلڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
نوازشريف بابت چيو پيو وڃي ۽ مسلم ليگ (ن) جا حلقا به ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته نواز شريف جي پنهنجي وزارت عظميٰ دوران اسٽيبلشمينٽ سان تلخ لاڳاپن جي ھڪ تاريخ رهي آهي. شايد نواز شريف کي بھ جلد ئي احساس ٿي ويندو ته ملڪ ۾ گذريل ڇهن ستن سالن ۾ آخرڪار ڇا ٿي رهيو هو ۽ زميني حقيقتون ھاڻي هائبرڊ جمهوريت جي حق ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن.
پنهنجي حڪومت خلاف سازش ڪندڙن ۽ عھدن تان ھٽائي نااھل ڪندڙ جنرلن ۽ ججن جي احتساب جي حوالي سان نوازشريف اڳ ۾ ئي پنهنجو بيانيئو بدلائي چڪو آهي ۽ هاڻي سندس بيانيئو آهي ته ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام جو مستقبل بهتر ٿي سگهي.
وزيراعظم جي عهدي لاءِ ميان نواز شريف جي پسند جي حوالي سان شهباز شريف ۽ مريم نواز جا نالا سامهون اچي رهيا آهن. ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آهي ته تجربي نھ ھئڻ ۽ ڪجهه حلقن وٽ قبول جوڳي نھ ھئڻ ڪري مريم نواز شايد وزيراعظم نه بڻجي سگهندي. مريم کي شايد پنجاب ۾ ڪا ذميواريون ڏئي سگھجي ٿي.شهباز کي اھو فائدو حاصل آهي ھن وٽ تجربو پڻ آھي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ جي ڪوشش ناھي ڪندو ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي ھلڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.