اسلام آباد(م ڊ) اينڪر ڪامران خان دنيا نيوز تي پنهنجي پروگرام ۾ چيو آهي ته 25 ڪروڙ آبادي جو بار رڳو چار صوبا نٿا کڻي سگهن،60 سيڪڙو آبادي پنجاب آهي، پنجاب جي ورڇ هر سياسي منشور ۾ آهي، ڪي پي ۾ به نوان صوبا گهربل آهن، ڪراچي سنڌ جي خزاني ۾ 95 سيڪڙو حصو وجهڻ باوجود خوار آهي، ملڪ جي انتظامي تقسيم خودمختيار ڊويزن سطح تي ٿئي ته منصفاڻي ترقي ممڪن آهي، صحافي مجيب الرحمان شامي چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿياآهن،تعليم،صحت،صفائي جا مسئلا آهن، هڪ طرف وفاقي ڍانچو آهي ٻئي پاسي صوبائي ڍانچو آهي، آئين ۾ صوباسازي جو معاملو تمام ڳنڀير بڻايو ويو آهي ،صوبائي ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ئي نئون صوبو ٺهي سگهي ٿو،انڊيا ۾ لوڪ سڀا جي سادي اڪثريت سان صوبو ٺهي وڃي ٿو، ان ڪري اتي لساني بنياد تي صوبا ٺاهيا ويا آهن،ارڙهين ترميم صوبن کي مالا مال ڪري ڇڏيو، اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ مرڪز ته يتيم ٿي ويو آهي، هن چيو ته مڪاني حڪومتن کي آئيني تحفظ نه ڏنو ويو، وڏا وزير پنهنجي طاقت انجواءِ ڪري رهيا آهن،هن چيو ته نون صوبن لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ گهرجي، ضيا جي زماني ۾ ڪوشش ٿي، جنرل مشرف جي دور ۾ ضلعي سطح تي عوامي نمائندن کي اختيار ڏنا ويا، اها هڪ سٺي اسڪيم هئي، سياستدانن ان کي به قبول نه ڪيو، مشرف دور ۾ ئي اها رٿا ناڪام بڻائي وئي، صوبا ضرورت آهن پر اتفاق راءِ پيدا ڪير ڪندو؟ سينئر صحافي محمود شام چيو ته سياستدان صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر ضلعي سطح تي اختيار ورهائڻ جا مخالف آهن، آبادي وڌڻ سان صوبا ٺهڻ ضروري آهن، عوام رڳو مافياز ۽ جاگيردارن جي وڪڙ ۾ ڇو رهن، جمهوريت جو تصور اهو آهي ته عوام کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪيو وڃي، مڪاني چونڊون رڳو فوجي حڪومتون ڪرايون آهن، سياسي حڪومتن عدالتي دٻاءُ تي مڪاني چونڊون ڪرايون، هن چيو ته ڪراچي جي مسئلي تي گهڻي جذباتيت هوندي آهي، بهاولپور، ڏکڻ پنجاب، هزاره صوبن تي انتظامي سطح تي ڏسڻ گهرجي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پلڊاٽ احمد بلال محبوب چيو ته وسيلن جي ورڇ نٿي ٿئي، عوام تائين اختيارن جي منتقلي ٿيڻ گهرجي، نون صوبن لاءِ انڊيا جهڙي ڪميشن جي ضرورت آهي،ان ڪميشن جي سفارشن جي آڌار تي اتي نوان صوبا ٺاهيا ويا، هن چيو ته تجويز ڪيل صوبا مالي طور مستحڪم نه هوندا، لوڪل گورنمينٽ جو نظام سڌارڻو پوندو، پاڪستان لاءِ انڊيا سٺو مثال آهي،