معاشي بهتري وڌيڪ اهم ! چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ جا افواهه

لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي عام چونڊن جي خاطري ڪرائي چڪي آهي،  ان حوالي سان چيف جسٽس به زباني هدايت ڪئي هئي ته چونڊن جي تاريخ تي وڌيڪ افواهه ۽ اڳ ڪٿيون بند ڪيون وڃن ان هوندي به اهم حلقن ۾ چونڊن جي تاريخ  بابت بحث ڇڙيل آهي، نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد به ميڊيا سان ڳالهائيندي اهڙو اشارو ڏنو آهي ته چونڊون کان وڌيڪ ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ ۽ عوام کي مهانگائيءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ضروري آهي. نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار سهيل وڙائچ به پنهنجي لکيل ڪالم ۾ اشارو ڏنو آهي ته چونڊون آگسٽ يا سيپٽمبر تائين اڳتي وڃي سگهن ٿيون، ان ۾ٻه رڪاوٽون آهن، هڪ عدالت ۽ ٻي سياسي پارٽيون. هڪ رڪاوٽ يعني سياسي پارٽيون ته شايد چونڊن جي تاريخ وڃڻ جي مخالفت نه ڪن باقي عدالتي رڪاوٽ هٽائڻ جو ڪو قانوني رستو ڪڍيو ويندو. ان ماجرا پٺيان منطق اهو آهي ته ملڪ ۾ پهرين معاشي بهتري آندي وڃي. ان لاءِ نگران وزيراعظم عرب امارات ويل آهي جتي سيڙپڪاري جي يادداشت نامن تي صحيحون ٿيڻيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. مطلب ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته چونڊن جي نتيجي ۾ معاشي بهتري واري تسلسل ۾ وقفو نه اچي. ان لاءِ محسوس ٿي رهيو آهي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو پيو وڃي، ايندڙ وقت ۾ معاملا وڌيڪ واضح ٿيندا ويندا، هوڏانهن سينيئر سياستدان محمد علي دراني چيو آهي ته شفاف اليڪشن کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي، شفاف چونڊن کانپوءِ قومي اتفاق راءِ سان حڪومت ٺاهڻي پوندي، اهو به درست آهي ته شفاف اليڪشن کانپوءِ مستقبل جو ڪو رستو ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته تاريخ ۾ ڪا به حڪومت حقيقي مسئلا حل نه ڪري سگهي، اهڙي حڪومت هئڻ گهرجي جنهن جي ايجنڊا معيشت جي بحالي هجي، فيصل واوڊا چيو ته پاڪستان جون چونڊون پي آءِ اي جي اڏام وانگر آهن، پي آءِ اي جون اڏامون دير جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن، ملڪ ۾ شفاف چونڊون نه ٿينديون، چونڊن جو دارومدار سيڪيورٽي جي صورتحال تي هوندو، آئين جي آڙ ۾ ئي سڀ ڪجهه ٿي رهيوآهي، پهرين سليڪٽڊ ڪو ٻيو هو، هاڻي ٻيو آهي، نگران سيٽ اپ ۾ شيون ڪنٽرول ٿي رهيون آهن، ٻئي پاسي ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته چونڊون دير ٿيڻ جا افواهه هلي رهيا آهن،اهڙي ڪا به ڪوشش لاتعداد آئيني مسئلن کي جنم ڏيندي، سپريم ڪورٽ واضح طور تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، سياسي معاشي ترقي لاءِ 8 فيبروري جون چونڊون اڻٽر آهن، هن چيو ته نگران حڪومتن کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ سان ملڪ ۾ غيريقيني صورتحال وڌندي،چونڊن ۾ دير سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان انڪار ڪرڻ برابر آهي،ٻئي پاسي نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جون ميارون ڏيڻ کان پهرين اسان جون عدالتي پيشيون ڏٺيون وڃن، 7 ڪلاڪن ۾ ختم ٿيندڙ ڪيس 7 سالن کان لٽڪيل آهي،اوڪاڙه ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته  اتحادي حڪومت ۾ هر فيصلو اتحادين جي مشوري سان ڪيو، اسان کي 16 مهينن جي حڪومت جي فيصلن تي ڪا به پشيماني ناهي، جلد اهڙيون چونڊون ڪرايون وڃن جنهن جا نتيجا سڀ تسليم ڪن، چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.