اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) راشد حسين بلوچ ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي خلاف وارثن اسلام آباد ۾ علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ وفاقي راڄڌاني ۾ روڊن تي جلوس به ڪڍيو ويو، ٻئي طرف تربت ۾ گم ٿيل نوجوان جي مبينا قتل خلاف ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي. جڏهن ته ڪاروبار به بند رهيو.تربت جي سيشن جج مقامي پوليس کي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، ان جي باوجود ڪيس داخل نه ڪيو ويو،اڳوڻي سينيٽر لشڪري رئيساڻي واقعي جي مذمت ڪندي بالاچ مولابخش جي قتل جي غيرجانبداراڻي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي ضرورت تي زور ڀريو، هن چيو ته سمورن واقعن ۽ حقيقتن کي عوام آڏو آندو وڃي.