“ٽئڪس دائرو ڪيئن وڌائجي“ آءِ ايم ايف ٽيم پهچي وئي

اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ماهرن جي ٽيم پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهچي وئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف  جي ٽيم ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان ملاقات ڪندي، آءِ ايم ايف جا ماهر فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي آفيسرن سان به ملاقات ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جا ماهر ٽيڪس روينيو ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪندا، ٽيڪنيڪل ماهرن جو وفد پاڪستاني اختيارين سان ٽيڪس پاليسي تي اٽڪل هڪ هفتي تائين مشاورت ڪندو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 59 هزار پوائنٽن کان وڌي ويو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري هفتي جو پهريون ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مثبت ڏينهن رهيو. 100 انڊيڪس 724 پوائنٽن جي واڌ سان 59 هزار 811 تي بند ٿيو. هي انڊيڪس جي بلند ترين آخر آهي. ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 59 هزار 896 پوائنٽس تائين واپار ڪيو، جيڪا انڊيڪس جي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ 20 ارب 27 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي 657.5 ملين شيئرز جا سودا ٿيا. مارڪيٽ سرمائيداري 98 ارب رپيا وڌي 8 هزار 648 ارب رپيا ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.