جيستائين بااثرن جو نااهل اولاد پيدا ٿيندو رهندو سفارش هلندي رهندي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفرراجپوت جي سنگل بئنچ ۾ سنڌ ۾ 140کان وڌيڪ کاتن ۾ نين ڀرتين جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، سفارشي ڪلچر تي پرتين تي عدالت سخت ڪاڙو جو  اظهار ڪندي سخت رمارڪس ڏنا آهن، عدالت ۾ چائلڊ هيلٿ ڪيئر سنڌ جي سينيئر آفيسر چيو ته جيڪڏهن سفارش تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن ته سفارش به ڪيستائين ايندي رهندي، جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ۾ چيو ته سفارشون اُن مهل تائين اينديون رهنديون جيستائين بااثر ماڻهن جو نااهل اولاد پيدا ٿيندو رهندو، عدالت وڌيڪ چيو ته سفارش ان مهل تائين ٿيندي رهندي جيستائين فرسوده نظام تبديل نه ٿيندو، سرڪاري اسپتالن ۾ ٻار به نااهل ۽ سفارشي عملي جي ڪري فوت ٿي ويندا آهن، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته جيستائين ميرٽ تي غريب ٻارکي نوڪري نه ملندي هي نظام اهڙي طرح هلندو، هي سٽسم ان وقت تائين متاثر رهندو جيستائين قابل ماڻهن کي ميرٽ تي نوڪري نه ملندي، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته بااثر ماڻهن جا ٻار ڪهڙي طرح ايم بي ايس پاس ڪندا آهن عدالت سنڌ چائلڊ هيلٿ ڪيئر کان ملازمتن جا رولز طلب ڪري ورتا، عدالت چيو ته ڪانٽريڪٽ تي ملازم ترقي يافتي معاشرا رکندا آهن، اسان وٽ سفارشي ڪلچر آهي، ڪارڪردگي ڪجهه به نه آهي، بس هي ڏسڻو آهي ته هي ماڻهو ڪنهن جو آهي، عدالت اسٽي آرڊر ۾ 4 ڊسمبر تائين واڌ ڪندي وڪيل فروغ نسيم کي ايندڙ ٻڌڻي تي لازمي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.