ايم ڪيو ايم جو ون پوائنٽ ايجنڊا، 3 آئيني ترميمون چاهيون ٿا : مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( م ڊ ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته گذريل 15 سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ تي قابض آهي، شهر لاقانونيت ۽ بهترين طرز حڪمراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته  ايم ڪيو ايم ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ وڃي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جو  مينڊٽ متحد آهي. هن چيو ته   ايم ڪيو ايم 700 کان وڌيڪ مهاجر نوجوانن کي بازياب ڪرايو  آهي،  ايم ڪيو ايم جو ون پوائنٽ ايجنڊا آهي، 3 آئيني ترميمون چاهيون ٿا، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته مڪاني حڪومت جا اختيار ۽ ادارا آئين ۾ لکيا وڃن. جيسيتائين مڪاني چونڊون نه ٿين، تيسيتائين عام چونڊون نه ڪرايون وڃن. مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته ترميمن ذريعي اختيار وزير اعليٰ هائوس مان ڪڍي گهٽين ۽ پاڙن تائين آڻڻ چاهيون ٿا، ڪراچي کان سکر تائين کٽيندا آهيون، وزير اعظم لاءِ اسان جي ضرورت پوندي، ايندڙ وزير اعظم کان وزارتون، صدارتون نه پر مڪاني حڪومت جا اختيار گهرنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.