پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ اربين ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

ابوظهبي  ( م ڊ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ابوظهبي کان قوم کي هڪ اهم پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب  امارات (يو اي اي) وچ ۾ اربين ڊالرن جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. نگران وزيراعظم جيڪو گڏيل عرب امارتن جي دوري تي آهي، قوم جي نالي هڪ خاص پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن. هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. نگران وزيراعظم موجب شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي، تمام جلد پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر سامهون ايندا، گڏيل عرب امارتن وچ ۾ اقتصادي سهڪار جو نئون دور شروع ٿيندو. استحڪام، اسٽريٽجڪ سهڪار به پاڪ امارات لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي. مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ نگران وفاقي وزير به موجود هئا، گڏيل عرب امارتن جي وزيرن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.