ڀاڻ،ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ  اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪڻڪ، کنڊ، ڀاڻ، زندگي بچائيندڙ دوائون ۽ ٻين شين جو ناجائز منافعي لاءِ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي،هن چيو ته  ضرورت وقت مارڪيٽ مان اوچتو ڪڻڪ گم ڪري اٽو مھانگو ڪيو وڃي ٿو، ڪڏھن کنڊ گم ڪئي وڃي ٿي، ڪڏھن ڪوڪنگ آئل جو کوٽ آھي، ائين کاڌي پيتي جون شيون ھٿرادو گم ڪري غريب عوام لاءِ ناجائز مھانگائي وڌائي وڃي ٿو. ھينئر ڪڻڪ ۽ سورج مکي سميت ٻين فصلن جي پوکائي وقت ٻج ۽ ڀاڻ ھٿرادو مھانگو ڪيو ويو آھي. ھٿرادو مھانگائي ۾ حڪومتي وڏيرا ۽ واپاري ملوث آھن، جيڪي اربين روپيا ڪمائي اليڪشن ۾ بيھن ٿا ۽ اقتدار ۾ اچي عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن فيصلا ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪڻڪ گم ڪري غريب عوام لاءِ اٽو مھانگو ڪرڻ ۾ پ پ ايم پي اي ۽ ايم اين اي ۽ وزير ملوث آھن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.