پناهگيرن جي لوڌ سنڌ جي انهن شهرن تي پهريان مهمان ۽ پوءِ قابضين وارو روپ اختيار ڪري ويو جتي مالي وسيلا صنعتون، درياهه ۽ ريلوي جو نظام قائم هو. ڌارين جي لوڌ سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، ٽنڊو آدم ۽ آخر ڪراچي ۾ دنگ ڪيو جتي هندن جي ڇڏيل ملڪيتن تي قبضي سان گڏوگڏ ڪپڙي، سيڙهه، آئل ملن سميت ٻين ڪارخانن تي قبضو ڄمايو پر تازو ڪوٽڙي ڪراچي جي صنعتي ايريا سائيٽ ڪورنگي سميت پورٽ قاسم جي ڪارخانن تي خصوصي طور تي پنجاب کان آيل ڌارين کي آئي ڏينهن روزگار ڏنو وڃي ٿو پر ڌرتي ڌڻي لاءِ روزگار جا دروازا اعلانيل طور تي بند ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌي مزدورن کي مرحليوار روزگار کان الڳ ڪيو ٿو وڃي.
تازو هڪ ناليواري آئل ڪمپني جيڪا حڪومت پاڪستان سان سلهاڙيل آهي اتان 40 مزدور بيروزگار ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪپڙي جي ڪارخانن مان هزارن جي تعداد ۾ سنڌي پورهيت بيروزگار ڪيا ويا آهن. فوجي فرٽلائيزر، ٽويوٽا، پاڪ سوزوڪي سميت ٻن درجن کان وڌيڪ ادارن اهو چئي مزدورن کي روزگار کان الڳ ڪيو آهي ته هي ادارا بند ٿي ويا آهن جڏهن ته ڄاڻايل ادارن خام مال هئڻ جي باوجود پنهنجي پيداواري عمل روڪي ڇڏيو آهي.
ان سلسلي ۾ جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي جي صنعتي ادارن مان سنڌي مزدورن کي غير واجبي طور تي برطرفي ۽ حڪومت جي اعلانيل 32 هزار رپيا پگهار نه ملڻ ۽ السنس آٽو ڪمپني مان جبري پورهيتن جي برطرفي خلاف جسقم 31 آڪٽوبر اڱاري جي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ جي ڪارخانن ۾ سنڌي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون، روزگار کسڻ ۽ سنڌي نياڻين سان نازيبه سلوڪ ڪيو ٿو وڃي اسين هن عمل جي نه صرف مذمت ڪريون ٿا پر اسين انهن جي روزگار جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين هن چيو ته جتي به ڪنهن سنڌ جي ڪارخاني، نجي ڪمپني يا ڪنهن روزگار کان جبري طور تي سنڌ واسين کي برطرف ڪيو ويو ته ان اداري، ڪارخاني ۽ سيٺ خلاف هر محاذ تي احتجاج ڪيو ويندو ۽ انهن سان يڪجهتي طور تي انهن سان گڏ آهيون هن چيو ته السنس آٽو ڪمپني جي انتظاميه اسان سان واعدو ڪيو هو ته برطرف پورهيتن جي بحالي ڪئي ويندي پر انهن ايئن نه ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌي پورهيتن کي هيسائڻ لاءِ اتي فوج جو نالو استعمال ڪندي ماڻهن کي سيڪيورٽي جي مد ۾ هراسان ڪيو وڃي ٿو جنهن تي اسان اهڙي عمل جي نه صرف مذمت ڪيون ٿا پر لاڳاپيل ادارن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪيون ته هو اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪن.هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي جي مظلومن پورهيتن ۽ مزدورن خلاف روزگار جا دروازا نه کوليا ويا ته جسقم سڄي سنڌ ۾ احتجاج سان گڏ ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون مطابق جتي به صعنت لڳندي اتي هيٺين گريڊ جون نوڪريون سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ صوبي جي مقامي ماڻهن کي ڏنيون وينديون پر هتي آئين جي سخت ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪنهن به اعليٰ اختياري نوٽيس ناهي ورتو، ڇا اهي بيروزگار ٿيندڙ پورهيت هن ملڪ جا شهري ناهن؟.