اسان جي ملڪ ۾ ، رشوت ۽ ڪرپشن عروج تي آهي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ رشوت ۽ ڪرپشن انتها تي پهتل آهي. رشوت جي سواءِ جائز ڪم به ڪونه ٿو ٿئي. هن وقت رشوت معاشري جو ناسور آهي. ان ناسور مان جان ڇڏائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. تقريبن هر اداري ۽ کاتي ۾ رشوت ورتي وڃي ٿي. مون کي ته اهڙو ڪو به کاتو ڪونه ٿو سجهي جيڪو رشوت کان پاڪ و صاف هجي. ٻيا کاتا ته پنهنجي جاءِ تي رشوت جو ڳڙهه آهن. پر، هاڻ ٻڌايو پيو وڃي ته ، سنڌ ۾ جيڪي جيل آهن. اتي رشوت عام و جام هلي ٿي. پوءِ اهي سب جيل هجن يا سينٽر جيل هجن. جيل انتظاميا ، قيدين کان رشوت وٺي پوءِ کين سهولتون مهيا ڪري ٿي. ٻي حالت ۾ قيدين کي سهولتون ڪونه ٿيون ڏنيون وڃن. سهولتون ته در ڪنار پر انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. انهن تي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي. سختي ڪئي وڃي ٿي ته جيئن رشوت ملي سگهي. اهو به ٻڌندا آيا آهيون ته ڪيترائي قيدي رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ جيل پوليس تشدد ڪري ماري وڌا آهن.
سنڌ جي سمورن جيلن تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ، جيل ۾ قيدين کي جيڪو کاڌو ڏنو وڃي ٿو. سو به ، بلڪل غير معياري آهي. قيدين جي راشن مان به پئسا بچائي جيل انتظاميا جا اهلڪار پاڻ ۾ ورهائي پتيون ڪري پنهنجا کيسا ڀريندا آهن. کاڌو اهڙو هوندو آهي جو اڪثر مريضن کي پيٽ جون مختلف بيماريون ٿيو پون ٿيون. پر، ، جيئن ته انتظاميا کي صرف پئسو بچائڻو هوندو آهي. جنهن ڪري مريضن جي صحت جو خيال ڪونه ٿو رکيو وڃي. گهڻا تڻا قيدي مختلف مرضن ۾ مبتلا رهن ٿا جڏهن ته قيد جون تڪليفون ۽ عقوبتون به برداشت ڪري رهيا آهن. جيل جي اندر جيڪي اسپتالون آهن. اتي عملو به پورو مقرر ڪونه آهي. دوائون به نج ۽ خالص ڪونه آهن. دوائون به اهڙي هنڌان گهرايون وينديون آهن جتان انتظاميا کي ڪميشن جا ٻه پئسا ملن. جيلن اندر جنرل اسٽور به آهن. جن جا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا.اتان به ڪميشن ۽ رشوت ورتي وڃي ٿي ۽ جيلن اندر جنرل اسٽورن تان جيڪي شيون قيدين کي وڪرو ڪري ڏنيون وڃن ٿيون سي به مهانگي اگهه تي وڪرو ٿين ٿيون. اهو، بار به قيدين تي پوي ٿو. قيدين جي مائٽن مٽن ، يارن دوستن ، واقفڪارن ۽ همدردن جي طرفان ايندڙ سامان ۽ پئسن مان به ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. انتظاميا پنهنجو حصو پتي وصول ڪندي رهندي آهي. اهڙي طرح جيل انتظاميا کي پئسن ڪمائڻ جا کوڙ طريقا آهن. جنهن ڪري قيدين تي اضافي ۽ بيجا بار پئجي رهيو آهي.
مون هتي نه رڳو ميرپور خاص جي سينٽرل جيل جو ذڪر ڪيو آهي. پر، اهو حال سنڌ جي سڀني جيلن جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن ، وقت سنڌ جا جيل بگاڙ گهر آهن.جتي قيدين کي سڌارڻ لاءِ ڪا به تربيت ڪونه ٿي ڏني وڃي. پر، جيلن ۾ جيڪو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي سو ، بهتري طرف ڪونه ٿو وڃي. نتيجي ۾ انهن قيدين مان ڪيترائي قيدي آزاد ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ڏوهه ڪندا. يعني هاڻ ، جيل ڏوهاري پيدا ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري سنڌ جو امن و امان وڌيڪ خراب ٿيڻ جي خدشي کي هر گز رد ڪري نه ٿو سگهجي.
هن وقت جيڪي برايون ٻڌجن ۽ ڏسجن ٿيون سي، سموريون جيلن ۾ ٿي رهيون آهن. جن تي جيل انتظاميا ڪو به ضابطو ڪونه ٿي ڪري. اها چاهي ٿي ته ، کين رشوت ڏيو. پئسا ڏيو. پوءِ جيڪي وڻيو سو ڀلي ڪريو. اسان توهان کي ڪجهه به ڪونه چونداسون. صرف جڏهن آفيسر اچن ته شريف ۽ غريب ٿي وڃجو. انهن جو ڀرپور استقال ڪيو ڪير به شڪايت نه ڪري. دنيا جا جيل اذيت گهر ڪونه آهن. انهن جيلن ۾ قيدين تي ڪو به تشدد ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه وري ذهني ٽارچر به ڪيو وڃي ٿو جنهن سان قيدي تي دٻاءَ پئجي سگهي. انهن قيدين جي ذهني نشوو نما ۽ اوسر لاءِ تربيت ڪئي وڃي ٿي. تعليم سان گڏو گڏ مختلف هنر به سيکاريا وڃن ٿا. قيدين جي ڀرپور نموني سان سکيا ڪئي وڃي ٿي. پر، اسان وٽ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. هتي قيدين لاءِ جيڪي سرڪار طرفان سهولتون مليل آهن سي به مهيا ڪونه ٿيون ڪيون وڃن. تعليم ڏيارڻ ۽ هنر سيکارڻ لاءِ به ڪي خاص اپاءَ ڪونه ٿا ورتا وڃن. بس ، قيدين کي ذهني ٽارچر ڪيو وڃي ٿو. قيدي کي دٻاءَ ۾ رکيو وڃي ٿو. جنهن سان قيدين جي صلاحيتن ، لياقتن ۽ قابليتن کي مفلوج بڻايو وڃي ٿو.
جيل انتظاميا هميشه ان ڪوشش ۾ رهي ٿي ته ، قيدين کان ڪيئن رشوت جو پئسو وٺجي. پوءِ ان سلسلي ۾ ڄاڻايل انتظاميا پئي بهانا ڳوليندي آهي. نمونا ڪندي آهي ۽ وجهه ۽ موقعي جي تلاش ۾ رهندي آهي. جيڪڏهن مذڪوره قيدين سان سٺو سلوڪ ڪيو وڃي قيدين کي سهولتون ڏنيون وڃن جيڪي قاعدن ۽ قانونن موجب هجن ته آئون يقين سان چوان ٿو ته ڪو به قيدي جيل مان ڏوهاري ٿي ڪونه نڪرندو. پر، هڪ باعزت شهري بنجي عزت سان زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندو.
مون هيل تائين ڪيترن ئي اديبن ۽ سياستدانن جون جيل ڊائريون پڙهيون آهن. جن ۾ انهن جيل جا سمورا ڏينهن ڪيئن گذاريا آهن. راتيون ڪيئن صرف ڪيون اٿن. کين آرام ڪرڻ جو ڪهڙيون سهولتون مليون. مطلب ته جيل جي زندگي بابت تفصيل سان لکي سڀ ڪجهه واضح ڪيو آهي. اسان کي اهي به پڙهڻ گهرجن. انهن ڊائرين ۾ رشوت خور عملي جي باري ۾ ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. ياد رهي ته جيلن جي هڪ الڳ زندگي آهي جيڪا ٻاهرين دنيا کان ڪٽيل رهي ٿي. جيلن ۾ جيڪو قيدي رشوت نه ٿو ڏيئي تنهن تي تشدد ڪرڻ دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ ڪونه آهي. اها سراسر ناانصافي آهي. وس وارين اختيارين کي ان تي ضابطي آڻڻ جي ضرورت آهي. جيلن ۾ رشوت جو جيڪو سلسلو هلي پيو تنهن کي رد ڪيو وڃي ته جيئن قيدين کي ڪو مالي بار نه پوي.
9 مئي جتي عمران خان جي مقبول سياست کي لوڙھي کڻي وئي، اتي چوڌري فواد جي سياسي ڪيريئر لاءِ به سواليه نشان بڻجي وئي. چوڌري فواد گرفتار ٿيو، گرفتاري کان بچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ٻاھران فرار ٿيڻ جي وڊيو سامهون آئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس تحريڪ انصاف ڇڏڻ جي خبر به سامهون آئي.جنهن ڏينهن هو تحريڪ استحڪام جي پهرين اجلاس ۾ ويو. ان ڏينهن به ھو نھ چاھيندي ويو ھو.ان بعد ان جماعت جي مستقبل تي سواليه نشان ھئڻ ڪري. ان ۾ سرگرم ٿيڻ کان پاسيرو ھو.