ڪفيل ڀائي جي زندگي جو آخري اوور مڪمل، ٻنهي هٿن سان بالنگ ڪندڙ گمشده ڪرڪيٽر لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ سان واسطو رکندڙ ٻنهي هٿن سان اسپن بالنگ ڪرائڻ جي منفرد صلاحيت رکندڙ ڪفيل احمد صديقي المعروف ڪفيل ڀائي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
1958 ۾ گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪفيل ڀائي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون، هن ٻنهي هٿن سان بالنگ ڪرڻ سکيو، سندس خواب هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿي رڪارڊ قائم ڪري پر بدقسمتي سان سليڪٽرن جي نظر کان اوجهل رهجي ويو ۽ هو قومي سطح تائين نه پهچي سگهيو، ان ناڪاميءَ باوجود ڪفيل ڀائي همت نه هارائي ۽ پنهنجي فن کي نئين شڪل ڏني.
ڪفيل ڀائي پنهنجي جواني جا ڏينهن رنگ لاءِ ٽرڪن پويان ڊوڙندي گذاريا ۽ بال سان نه پر رنگ ۽ برش سان سوين وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪفيل ڀائي جا لکيل تاريخي جملا اڄ به سڄي ملڪ ۾ ٽرڪن پويان ڏسي سگهجن ٿا، ”بهترين آل رائونڊر ڪفيل ڀائي گهوٽڪي وارو، ليفٽ آرم اسپن بالر ڪفيل ڀائي، رائيٽ آرم اسپن بالر ڪفيل ڀائي، ڪرڪيٽ جو بي تاج بادشاهه ڪفيل ڀائي، ڪفيل ڀائي کي سلام“ وغيرا وغيرا.
ان منفرد فن کيس نه رڳو گهوٽڪي پر سڄي ملڪ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو، ٽرڪ هجي يا ٽانگو، سائيڪل هجي يا ٻي ڪا سواري، ان تي ڪفيل ڀائي جا نعرا نظر ايندا هئا.
ڪفيل ڀائي ٻنهي هٿن سان لکڻ ۽ پينٽنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو، هو ڪڏهن به پنهنجي فن جو معاوضو طلب نه ڪندو هو پر اڪثر ماڻهو کيس پنهنجي مرضي سان رقم ڏيندا هئا.
ڪفيل ڀائي جي شهرت اتي پهتي جو فرانس جي هڪ ٽيم کيس پنهنجي هوائي جهاز تي پينٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني پر ڪفيل ڀائي شرط رکيو ته هر جهاز تي سندس نعرو لکيو وڃي، ان شرط کي رد ڪيو ويو ۽ ڪفيل ڀائي فرانس ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته هن رڳو پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيو.
ڪفيل ڀائي جي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا واقعا به آيا، جڏهن ڌاڙيلن کيس اغوا ڪيو پر شهرت ۽ سڃاڻپ سبب هو محفوظ رهيو، ڌاڙيلن هٿيارن تي به پنهنجا نالا ۽ ڪفيل ڀائي کي سلام جا نعرا لکرايا.
ڳچ عرصي کان ڪفيل ڀائي جي گمشدگي سندس يادن کي وڌيڪ پراسرار بڻائي ٿو، چاهيندڙ کيس ٻيهر ڏسڻ جا خواهشمند هئا ۽ اميد ڪندا هئا ته ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي فنڪاراڻي زندگي گهاري رهيو هوندو.
ڪفيل ڀائي پنهنجي حياتي جي پڄاڻي ڪراچي ۾ ڪئي، هو 2022 کان هتي رهندڙ هو ۽ فرنيچر جو ڪم ڪندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.