لاهور (ويب ڊيسڪ) ميان مٺو جي نالي سان مشهور طوطو هڪ خوبصورت پکي آهي، جنهن کي ماڻهو گهرن ۾ شوق سان پاليندا آهن پر هاڻ اهو آسان نه هوندو، ڇو ته حڪومت اهڙي پابندي لڳائي آهي جو هاڻ جيڪڏهن ڪو مٺي ٻولي ٻوليندڙ ان پکي کي پالڻ چاهي ته کيس لائسنس وٺڻو پوندو.
ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب حڪومت جي وائلڊ لائف کاتي اهو فيصلو مقامي طوطن جي بقا، انهن جو غير قانوني شڪار ۽ واپار روڪڻ لاءِ ڪيو آهي ۽ طوطو پالڻ جي خواهشمند کي باقاعدي رجسٽريشن فيس ادا ڪرڻي پوندي، جنهن جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي به ٿيندي.
پنجاب جي وائلڊ لائف کاتي چئن قسطن جي طوطن تي هڪ هزار رپيا رجسٽريشن فيس مقرر ڪئي آهي، اها طوط اليگزينڊرائن، رنگ روز، سليٽي ۽ پلم هيڊڊ آهن، جن ماڻهن وٽ اڳ ئي طوطا آهن، انهن کي به لائسنس لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي.
وائلڊ لائف کاتي جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان ٺاهيل قانون ۾ وڌيڪ پاليسين تي ڪم جاري آهي، رجسٽريشن جو فائدو اهو ٿيندو ته گهٽجندڙ پکين جي انگ جي خبر پوندي ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ آسان هوندو.
You might also like