افسوس! سُر ۽ ساز تي پوليس تشدد بند نه ٿيو!

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته جنهن سُر تي آڳاٽي زماني ۾راءِ ڏياچ نالي هڪ بادشاهه سرڏنو هو تنهن تي اڄ پوليس اهلڪار تشدد ڪري رهيا آهن. اهڙن پوليس اهلڪارن کي اسان استاد فتح علي خان جو هي ڪلام احتجاج طور منسوب ڪيو هو ته” پيار نهين هي سُر سي جس ڪو، وو مورک انسان نهين“ تن ساڳين پوليس اهلڪارن سنڌ اسيمبلي ڏانهن گيتن جي گونجار سان مارچ ڪندڙ ميوزڪ ٽيچرس تي وري تشدد ڪيو، 22 استادن کي گرفتار به ڪيو ويو جيڪي ڪجهه ڪلاڪن بعد آزاد ڪيا ويا.

رپورٽن موجب ميوزڪ ٽيچرز جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ٽيون ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪيو پر پوليس اهلڪارن کين ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي 22 کان وڌيڪ ميوزڪ ٽيچرز کي گرفتار ڪيو جيڪي بعد ۾ وڪيلن جي مداخلت کان پوءِ آزاد ٿيا. ان حوالي سان ميوزڪ ٽيچرز جو چوڻ آهي ته اسان کي آفر آرڊر ڏيڻ کان پوءِ جوائننگ نه ٿي ڏني وڃي جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون. پر اسان جي پرامن احتجاج کي پوليس تشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هوڏانهن تعليم واري وزير سردار شاهه چيو  آهي ته اسان 2023 ۾ 750 ميوزڪ ٽيچرز ۽ 750 آرٽس ٽيچرز کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايئن اسان پاس ٿيل 319 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا. هن چيو ته نگران دور ۾ ميوزڪ ٽيچرز جو معاملو عدالت ۾ ويو ۽ عدالت کين ڀرتين کان روڪي ڇڏيو. آئون اميدوارن کي چوندو رهيو آهيان ته توهان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪريو پر بدقسمتي سان ڪو به اميدوار عدالت نه ويو. مون پنهنجو وفد به اميدوارن ڏانهن موڪليو پر انهن ملڻ کان انڪار ڪيو سو اسان کي ٻڌايو وڃي ته عدالت جي فيصلي جي ابتڙ اسان جوائننگ ڪيئن ٿا ڏئي سگهون باقي اسان ٿرڊ پارٽي ذريعي ٻيهر ٽيسٽ لاءِ تيار آهيون.

اسان هاڻي هتي تعليم جي وزير سردار شاهه جي ان موقف سان مخاطب  آهيون ته ٺيڪ آهي توهان جو هڪ موقف آهي جيڪو ممڪن آهي ته درست به هجي پر اها به حقيقت آهي ته ان مسئلي کي حڪومت کي ئي حل ڪرڻو آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي تنهن تي سوچبو ته نو سئو نو واٽون نڪري سگهن ٿيون پر اهو به درست ناهي ته جيڪڏهن ميوزڪ ٽيچرز جوائننگ آرڊر لاءِ پنهنجي جدوجهد برقرار رکن ته انهن مٿان پوليس زريعي تشدد ڪرايو وڃي؟ ٻيو ته تشدد ان احتجاج مٿان ڪيو ويندو آهي جيڪو امن امان ۾خلل وجهندو هجي، وڳوڙي هجي، پٿراءُ ڪندو هجي روڊ رستا بند ڪيو هجي پر هي موسيقي جا ٽيچرز ته يڪتارا چپڙيون کڻي صوفياڻو راڳ ڳائيندي انتهائي پرامن احتجاج ڪري رهيا هيا. غلطي ته اصل ۾ اوهان جي آهي جو اوهان چيف منسٽر هائوس کي نوگو ايريا بڻائي ان ڏانهن ويندڙ رستي کي ”ريڊ زون“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پوءِ هيءَ ڪهڙي عوامي حڪومت ٿي جيڪا فنڪارن، استادن، ڊاڪٽرن، نرسن، وڪيلن، اديبن ۽ عورتن کي چيف منسٽر هائوس ڏانهن ريلي جي شڪل ۾ اچي کين پنهنجا مسئلا  ۽ مطالبا ٻڌائڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي.

اسان ته هميشه کان اهو چوندا رهيا آهيون ته اصل ۾ احتجاج جي اهڙي نوبت ئي نه اچڻ گهرجي جو متاثر  يا ستايل ماڻهو احتجاج ۽ مظاهرو ڪندي چيف منسٽر هائوس اچن. عوامي مسئلا ته اهڙي نوبت  اچڻ کان اڳ ۾ ئي حل ڪرڻ گهرجن. حڪومت کي ان ڏس ۾ پاڻ ئي  احتجاج ڪندڙن سان  ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽيم مقرر ڪرڻ گهرجي جيڪا ساڻن ڳالهائي ۽ پوءِ اها ٽيم حڪومت تائين احتجاج ڪندڙن جا مسئلا ۽ مطالبا پهچائي ۽ حل ڪرائي مثال جيئن سردار شاهه ٿو چاهي ته متاثر ڌر سپريم ڪورٽ ۾ جوائننگ آرڊر جي رد خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ گهرجي. ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ڪاميٽي جوڙڻ گهرجي جيڪا هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري اهو مسئلو حل ڪري ڇاڪاڻ ته ان معاملي تي اصولي طور تي حڪومت کي به اعتراض ناهي ته  ڪو ميوزڪ ٽيچرز جون  ڀرتيون نه ٿين پر ان جو خيال آهي  ته اسان عدالتي فيصلي جي آڏو مجبور آهيون. هاڻي ان مجبوري بابت يا ان مان نڪرڻ لاءِ ميوزڪ ٽيچرس وٽ ڪهڙو رستو آهي يا ڪهڙو حل آهي تنهن تي ڳالهائڻ گهرجي پر فوري طور تي حڪومت کي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي سو اهو آهي ته  ميوزڪ ٽيچرز کي چيف منسٽر هائوس اچڻ ڏنو وڃي، سندن رستا روڪ نه ڪئي وڃـي ۽ اتي ويهي ٻئي ڌريون ان مسئلي جي حل لاءِ ڪا ڪميٽي جوڙين جنهن کي حڪومتي سطح تي منع ڪيو وڃي ته اها سر ۽ سنگيت تي تشدد نه ڪندي، گيتن جي گونجار کي بند نه ڪندي، مظاهرين کان سندن باجا، چپڙيون ۽ يڪتارا نه کسيندي پر ميوزڪ ٽيچرس ۽ سر ۽ سنگيت جي عزت ڪندي.

اسان جي ته اها دلي تمنا آهي ته پوليس جي تشدد واري اختيار تي ئي پابندي لڳائي وڃي. ڪنهن به پوليس اهلڪار کي اهو حق نه هئڻ گهرجي ته اهو باعزت عوام تي صرف ان ڪري تشدد ڪري ته اهي احتجاج ڪن ٿا. هتي اهو به عجيب نظام آهي ته قاتلن، ڏوهارين ۽ سزا يافته ملزمن جي ته عزت نفس جو خيال ڪيو ويندو آهي ۽ سندن چهري تي پردو چاڙهي کين ٿاڻن ۽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي پر شريف ماڻهن تي سرعام لٺ بازي ڪئي ويندي آهيم کين کنڀي، ڪپڙا ڦاڙي، گريبانن ۾ هٿ وجهي تذليل ڪندي ڌڪ هڻندي گرفتار ڪيو ويندو آهي ڇو ته هو پنهنجي چونڊيل وڏي وزير ڏانهن پنهنجا مسئلا ۽ مطالبا مڃائڻ لاءِ وڃڻ جو ڏوهه ڪندا آهن. ڏوهه ته انهن جو آهي جيڪي عوام کي پنهنجي چونڊيل حڪومت جي نمائندي سان ملڻ نٿا ڏين. سزا ته انهن کي ملڻ گهرجي جن چيف منسٽر هائوس کي عوام لاءِ نوگو ايريا بڻائي ان کي ريڊ زون قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.