نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ آزاد فلسطيني رياست جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته آزاد فلسطيني رياست جي حمايت ڪرڻ حماس لاءِ انعام برابر هوندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو سالياني اجلاس ۾ غزه کي خاص ايجنڊا طور شامل ڪيو ويو آهي. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پنهنجي افتتاحي تقرير دوران دنيا جي وڌندڙ بحرانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب، گوتريس چيو ته 80 سال اڳ ڪيترن ئي ملڪن گڏجي گڏيل قومن جو بنياد امن لاءِ رکيو هو. اقوام متحده انسانيت جي بقا ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل ۽ مؤثر حڪمت عملي طور ڪم ڪري رهي آهي. انتونيو گوتريس چيو ته اهي اصول، جن تي اقوام متحده جو بنياد پيو هو، اڄ خطري ۾ آهن. هاڻ سوال آهي ته اسان ڪهڙي قسم جي دنيا تعمير ڪرڻ چاهيون ٿا؟ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو، ڇو ته انساني المين ۽ ماحولياتي خطرن جون گهنٽيون لڳاتار وڄي رهيون آهن. غزه ۾ تباهي جاري آهي، جتي قتل عام سڀ حدون پار ڪري ويو آهي. هن افسوس سان چيو ته غزه بابت عالمي عدالتن جا فيصلا به لاڳو نه ڪيا ويا. سيڪريٽري جنرل چيو ته حماس جي 7 آڪٽوبر جي حملي جي رد عمل ۾ غزه جي معصوم عوام کي اجتماعي سزاڏيڻ جو ڪو به جواز ناهي. هن گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي موجوده ڍانچي تي به سوال اٿاريا، جتي هن اڻ سڌي طور تي آمريڪا ۽ روس جي ويٽو پاور جي استعمال تي تنقيد ڪئي، جيڪا غزه ۽ يوڪرين جي جنگن ۾ اقوام متحده جي ڪردار کي محدود ڪري رهي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پنهنجي تقرير دوران ادارو تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته جنگون روڪڻ اقوام متحده جو ڪم هو، پر "افسوس سان مون کي اهو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. صدر ٽرمپ چيو ڪيترا ملڪ ته اقوام متحده جا فون به نه ٿا کڻن. جڏهن جنگون نه روڪجي سگهن، ته پوءِ اقوام متحده جو فائدو ڇا؟ صرف خالي لفظ جنگون نٿا روڪين. هن دعويٰ ڪئي ته گذريل چار مهينن دوران آمريڪا ۾ غير قانوني ماڻهن جي اچڻ جو انگ "ٻڙي” ٿي ويو آهي، جڏهن ته بائيڊن جي حڪومت دوران ” چريا ۽ منشيات وڪرو ڪندڙ” لکن جي انگ ۾ آمريڪا آيا. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سندن حڪومت ست جنگون ختم ڪرايون ۽ پاڪستان، ڀارت، ايران جي مدد سان اسرائيل جي جنگ به روڪرائي. هن ايران کي "نمبر ون دهشتگرد حامي” قرار ڏنو ۽ چيو ته "اسان ايران جي تقريبن سڀني فوجي ڪمانڊرن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ناهي ٿيو، حماس کي سمورا يرغمالي ڇڏڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ايران جي ايٽمي اثاثن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين.ڊونلڊ ٽرمپ يورپي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي روس کان تيل جي خريداري بند ڪن، روس يوڪرين جي جنگ تي معاهدو نه ڪيو ته ان تي ڳرو ٽيرف لاڳو ڪنداسين، چين ۽ ڀارت روس جو تيل خريد ڪري يوڪرين جي جنگ ۾ فنڊنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو سڀ سمجهن ٿا ته امن جي ڪوششن تي مون کي نوبل انعام ملڻ گهرجي پر مان انعام نه ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو. فلسطيني صدر محمود عباس عالمي ڪانفرنس دوران وڊيو خطاب ۾ چيو ته فلسطين جي مستقبل لاءِ واضح پاليسي ضروري آهي.
هن چيو ته اسان هڪ غير مسلح فلسطيني رياست چاهيون ٿا، حماس ۽ ٻين هٿياربند گروپن کي پنهنجا هٿيار فلسطيني اٿارٽي جي حوالي ڪرڻ گهرجن. حماس جو فلسطين جي حڪومت ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو. هن عالمي برادري کان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي اپيل به ڪئي. محمود عباس آمريڪي ويزا نه ملڻ سبب اجلاس ۾ ذاتي شرڪت نه ڪري سگهيو، پر سندس خطاب کي ڪانفرنس جو اهم لمحو قرار ڏنو ويو.