سنڌ جي ملاحن کي حق ڪير ڏياريندو؟

الياس سمون

افسوس سنڌ جو ملاح  اڄ به دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي سنڌ جي ملاحن  وٽ دنيان جي ڪا به سھولت موجود ناهي حڪومت کي صرف ملاحن  مان ٽيڪس اوڳرائي ڪرڻي آهي باقي ڪنھن ڳالھه سان واسطو ناهي سنڌ ۾ مافيائن جو ڪراچي ابراهيم حيدري ريڙهي ڳوٺ کان شاهبندر  بدين زيرو پوائنٽ تائين سمنڊ تي قبضو آهي سمنڊ کي ورهائي حصن ۾ رکيو ويو آھي مافيا جي مرضي سڄي  سنڌ جي سمنڊ تي هلڻ لڳي آهي  سرڪاري توڙي غير سرڪاري قانون ۽ ادارا بيوس بڻيل آهن

ريڙهي ڳوٺ ڪراچي، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ کان وٺي شاهبندر زيرو پوانٽ بدين تائين مقامي ۽ غير مقامي مافيائن قدرت طرفان عطا ڪيل سمنڊ کي پنهنجي جاگيرن جيان ورهائي حصا پتيون ڪري پنھنجا ذاتي قانون جوڙي ورتا آھن جن موجب ڪوبه ماهيگير سندن حدن ۾ سندن اجازت ۽ سندن مقررڪيل اگهن ۽ ڀٽي کانسواءِ  مڇي کيکڙي پکي ماروڙي مطلب ڪنهن به قسم جو شڪار ڪري نٿو سگهي.

سمنڊ مافيا جو نيٽ ورڪ ايترو ته خطرناڪ آھي، جو مافيا جا غنڊا هٿيارن ۽ پيٽرول سميت رات ڏينهن پنھنجي پنهنجي حدن ۾ ٻوٽن ذريعي ڦري رهيا آھن ڀڃڪڙي ڪندڙن کي يرغمال بڻائي کائن شڪار ڪيل مڇي کسي  سندن هوڙي ٻيڙي يا لانچ ۽ رڇن کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو. مافيائن جي مقرر ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سمنڊ مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي ٻئي طرف سمنڊ مافيا پاران ڪيٽي بندر کاروڇاڻ ۽ شاهبندر جي مختلف ڪريڪس جهڙوڪ انڀرا سير  واڙي  ڇاڻ  ڀوري  ڪاجهر   ترڇاڻ  خوبر  سنهڙي   گهوڙو  ڪانئر حجامڙو واڙي ڪانگڙي ۽ ٻين هزارين هندن تي مڇي جي نسل ڪشي ڪندڙ جن کي سامونڊي سرنگ به چيو ويندو آھي ڀولو ڄار لڳايا ويا  آھن جڏهن ته ڊيپ ٽرالرن زريعي پڻ مڇي جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي  ماهرن موجب هن وقت عربي سمنڊ ۾ سٺ سيڪڙو مڇي جي نسل ڪشي ٿي چڪي آھي

سنڌ جي سمنڊ مان ڪافي مڇين جا نسل ختم ٿي ويا آهن جنهن ڪري سنڌ جو ملاح  مڇي جي ڳولا ۾ ھندي سمنڊ جو رخ ڪري ٿو جتان کين ھندستاني بارڊر سڪيورٽي فورسز وارا کنڀي کڻي ٿا وڃن يا سنڌ جو ملاح  مڇي جي شڪار لاءِ بلوچستان طرف رخ ٿو ڪري جتان به مافيائون کين ڀتو ڦر ڪن ٿيون نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين يا نه سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو آهي يا ته گوليون هڻي قتل ڪيو ويندو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت 1995 ۾ ٺهراپاس ڪري ڀولو رڇ ۽ ڊيپ ٽرالرن جي استعمال تي تا حيات پابندي مڙهي ڇڏي هئي.

سنڌ جي سڄي سامونڊي پٽي ۾ 38 ھزارن کان مٿي بااثرن جا بولا رڇ لڳل آهن جيڪي مڪمل مڇي جي نسل ڪشي ڪري رھيا آھن پر ان قانون تي نه سنڌ حڪومت نه فشرمين ڪوآپريٽوسوسائٽي نه وري واسطيدار ادارا عمل در آمد ڪرائي سگهيا آھن مقامي پوليس هن سڄي معاشي قتل عام کي ڏسندي به خاموش آھي اھڙي مجرم خاموشي جو راز ڇا هوندو  اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سمنڊ مافيا کان سمنڊ کي ڪير ڪڏهن آجو ڪندو. هي سوال جواب جي ڳولا ۾ آھي، اھو ھڪ اھم سوال آهي پر جيڪڏهن ڏسجي ته ملاح  جيڪو فشريز کاتي کي ڪروڙين روپيا ٽيڪس ادا ڪري ٿوان باوجود اھو ملاح  دنيا جي سمورين سھولتن کان بي خبر آهي اڪثر ڏٺو ويندو آهي ته ملاحن  سان وڏي پيماني تي حادثا پيش ايندا آهن لانچون ٻڏي وينديون آهن ملاح  مري ويندا آهن. سرڪاري سمورو سسٽم صرف فوٽو سيشن تائين محدود ھوندو آھي

رسمي اعلان ڪيا ويندا آهن، ٻئي طرف ھندستاني بارڊر فورسز ڪارروائي دوران ملاحن  کي گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙي ڇڏين ٿا. سالن جا سال پاڪستان جا ملاح  ھندستاني جيلن ۾ بيگناهه قيد ھوندا آھن پاڪستان جي حڪومت توڙي ملاحن  جا ادارا ۽ تنظيمون به ڪو اثرائتو قدم ملاحن  لاءِ ناھين کڻنديون رسمي بيان بازي ھوندي آھي

ھندستاني حڪومت مرضي جي مالڪ آهي جڏهن به آزاد ڪري يان ڪيتري سزا مقرر ڪري سا انھن جي مرضي آهي جڏهن ته يو اين جي ڪنوينشن جي آرٽيڪل 73 تحت جيڪڏهن ڪو به دنيا جو ملاح  مڇي جي شڪار دوران غلطي سان ڪا به بارڊر ڪراس ڪري ٿو ته کيس وارننگ ڏئي واپس موڪليو وڃي کيس گرفتار نٿو ڪري سگهجي ڇو ته سمنڊ ۾ جتان سرحدون ملن ٿيون اتي نه ڪا ديوار آهي نه ڪو ليڪو نڪتل آهي نه ڪا تار لڳل آهي

سمنڊ جون لھرون ڪلاڪن اندر ڪنهن کي ڪھڙي بارڊر ڪراس ٿيون ڪرائين اھو روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ملاحن کي باقاعدگي سان گرفتار ڪيو ويندو آهي ھندستان مان آزاد ٿي گهر پھتل ڪيترن ملاحن  سان ملندو آھيان ڪچھري ٿيندي آهي  ھنن کي مختلف جيلن ۾ قيد ڪري باقاعدي ڪيس داخل ڪري ڪورٽن جي سزائون ڏنيون وينديون آهن ملاحن  جي جدوجهد جي علامت فشر فوڪ فورم جو  اڳواڻ محمد علي شاهه پنهنجي حياتي ۾ ملاحن  جي ھر مسئلي تي آواز اٿاريندو ھو

ملاحن  لاءِ سندس جدوجهد ساراهه جوڳي رهي  پر افسوس جو اڄ ڪير به ملاحن  لاءِ آواز نٿو اٿاري محمد علي شاهه جي نياڻي ياسين شاهه ۽ سندس پٽ مھراڻ شاهه پنهنجي وس آهر ملاحن  جا مسئلا  ٻڌي سندن وٽ پھچن ٿا محمد علي شاهه ملاحن  جي ھر مسئلن تي آواز اٿاريندو ھو احتجاج ڪندو هو ڌرڻا ڏيندو ھو ڪيترا ڀيرا ڌمڪيون مليون قاتلاڻا حملا ٿيا  گرفتار ٿيو جيل ويندو پر آخري پساھن تائين ملاحن  جي حقن جي ڳالھه ڪندو رھيو، هاڻي ڪير به ناهي رهيو. حڪومت جي فشريز کاتي جو ڪم رڳو ڪروڙين روپين جون بجيٽون ٺاهرائڻ ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ پورو آهي باقي ملاح جا مسئلا حل ڪرائڻ ڏانهن سندن ڪو ڌيان ۽ ارادو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.