لبرل ازم ، جمهوريت ۽ ساڄي ڌر: هڪ جائزو

تحرير: امتياز عالم

1964ع ۾ جڏهن فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ مادر  ملت محترمه فاطمه جناح جي وچ ۾ صدارتي معرڪو ٿيو تھ لڳي رهيو هو ته آمريت شڪست کائي ويندي ۽ جمهوريت  فتح مند ٿي ويندي. شاعراڻي مزاحمت ۽ جمهوري بيانيو  عوامي شاعر حبيب جالب جي نظمن اھڙو جوڙيو جو  خلق ميدان ۾ نڪري آئي. ائين نه ٿي سگهيو، پوءِ 1968ع ۾ عوام رستن تي نڪتو ۽ پهرين فوجي آمريت کي شڪست  آئي، آزاد چونڊون ٿيون، ائين لڳي رهيو هو ته جمهوريه اجھو ٺهڻ تي آهي، پر پوءِ ھڪ خوني شام ملي ۽ ان جي طفيل 1973ع واري جمهوريه، جنهن جي خالق جي تقدير ۾ صليب تي چڙهڻ لکيو ويو.وري ھڪ آمريت جي هڪ ٻي ڊگھي رات ۽ جمهوريت جي بحالي جي زخمن سان چور ٿڪائيندڙ ڊگھي جدوجهد.غيب مان هوائي حادثي جمهورت لاءِ رستو کوليو پر اھا پڇ ڪٽيل نڪتي.

وري ھڪ ٻيو ڏهاڪو گذري ويو، پر هن ڀيري جمهوري دور ٿورو ڊگهو تھ ٿي ويو، پر چارٽر آف ڊيموڪريسي کان ڦرڻ جي ڪري ساک وڃائي ويٺي.هن بيڪار ڊگهي تاريخي عمل مان ٻاھر نڪتو هائبرڊ سسٽم ،جنھن جون بدلجندڙ شڪلون سامهون آيون.هڪ لاڏلو ويو تھ  ٻئي لاڏلي جي تياري.بس 2018   جو هڪ ريپلي، پر ان فرق سان ته جيڪو هڪ ڀيرو بي مثال ھو، اهوعبرت جو نشان بڻجي ويو ۽ جيڪو هڪ اڳ ان عمل جو شڪار ٿيو، اهو هاڻي هڪ دلڪش لاڏلي بڻجڻ جي خفت کي لڪائي نھ پيو لڪائي. هي اهو تماشو آهي، جيڪو پتو ناھي ڪڏھن  ختم ٿئي ۽ جمهوريت آمريت جي اذيتن کان آزاد ٿئي.

ايک اور درياهه کا سامنا تھا  منير مجھکو

مرن اک درياهه کھ پار اترا تو مين نھ ديکھا..

ڪڏهن ڪڏهن خيال اچي ٿو تھ پراڻي (بورجوا) جمهوريت تي روئڻ پٽڻ پرولتاري سياست کي سونھي نٿو، ڀلي ترميم پسندي يا ايئن چئجي تھ سوشل جمهوريت کي ڪهڙي ريت بهتر بڻايو وڃي. سوچيان ٿو ته ڪهڙي جمهوريت پسند جمھوريت کي نقصان ناھي ڏنو ۽ آخر ۾ پتو پوي ٿو تھ آخري تجزئي ۾ جمھوريت جو آفاقي تصور آھي ئي  حڪمران طبقن جي مفادن جو نفيس ويس. هاڻي عالمي سرمائي جي بحران ۽ قدرت جي تباهي جي دور ۾، تھ جنگ کان پوءِ  نيو لبرل آرڊر تي قبضو ئي  انتهائي ساڄي ڌر جو ٿي ويو ۽ جمهوريت جو  مهذب سوشل ڊيموڪريٽڪ ايڊيشن ڪينزين ۽ نيو ڪينزئين اڪنامڪس ۽ عالمي ھڪ ھٽي سرمائينداري جي ھٿان ڪٿي درياھ ۾ ٻڏي ويو آھي.

ڪٿي پري لاطيني آمريڪا ۾ ڪٿي هڪ شمع روشن بھ ٿئي ٿي تھ عالمي اونداھي ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. ڇا ڊونلڊ ٽرمپ، برازيل جو اڳوڻو صدر جيئر بولسونارو، هنگري جو صدر ڪيٽلين نويڪ، ڀارت جو هندو انتهاپسند نريندر مودي يا پاڪستان جو ئي اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، چوٿون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي لاءِ اميدوار  يا وري يورپ ۾ اڀرندڙ نسل پرست ۽ فاشسٽ پارٽيون جماعتن جي چال ھلندڙ لبرل  جمهوري آهن؟ ايئن لڳي ٿو ته انتهائي ساڄي ڌر لبرل ازم کي تياڳي ڇڏيو آهي. لبرل جمهوريت جي هن عالمي بحران ۾، آمريڪا ۽ ان جي G7 گروپ جي اتحادين،صھيوني فسطائي نيتن ياھو، جي پي ايل او جي مقابلي ۾ پنھنجي حمايت واري حماس جي چيڙائندڙ مھم جوئي جو بھانو بڻائيندي والاريل غزا ۽ اولھه جي ڪناري ۾ قيد فلسطينين جو قتلام ڇا آھي ؟ ان جي ڀرپور حمايت جو فيصلو ڪري ورتو  آهي. ائين ڪري  انهن انسانيت جي قتلام ۽ عالمي انساني قانونن کي لتاڙي ڇڏيو آھي. تھ پوءِ  انهن جي لبرل جمهوريت  وٽ رھجي ڇا ويو آھي. هاڻي ٻنهي پاسن جا ماڻهو يا اسلامو فوبيا جي نذر ٿي ويندا يا وري  دشمنيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويندا تھ جمهوريت ۽ لبرل ازم لاءِ ڇا بچندو؟ بهرحال، جيڪو سامھون اچي رهيو آهي اهو گهٽ شاندار ناهي.اولھھ جا ملڪ ،خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيا ۾ فلسطينين  جي آزاديءَ ۽ جنگبنديءَ لاءِ جيڪي زبردست مظاهرا ٿي رهيا آهن، اهي عالمي سامراج جي منهن تي هڪ چماٽ آهي. آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ يهودي ٻارن  فلسطينين سان جنھن  محبت جو اظھار ڪيو آھي  ۽ خود اسرائيل ۾ نتن ياهو مخالف امن ۽ جمهوريت جي تحريڪ، انسانيت لاءِ ھڪ  نئين اميد پيدا ڪري ٿي. هڪ ڀيرو فلسطيني ليکڪ ايڊورڊ سعيد يا ياسر عرفات چيو هو ته جيستائين آمريڪا ۽ اولهه ۾ عوامي راءِ فلسطينين جي حق ۾ نه جاڳندي، تيستائين فلسطين جو مسئلو حل نه ٿيندو. شايد، ايڊورڊ سعيد جي اها اڳڪٿي سچ ٿي پئي. اهڙيءَ حالت ۾ امت جو تصوراتي جهاد ۽ عربن جي قومپرستي جھاگ وانگر ويھي رھي آھي. جيڪو رستو، القائده، داعش، طالبان ۽ هاڻ حماس  ڏيکاريو ھو اھو نھ رڳو مھم جوئي ثابت ٿيو آهي بلڪھ  ان مسلم دنيا کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ساڳيءَ طرح اولھه جي جمهوريت جي ساڄي ڌر جنھن پنھنجو خوفناڪ، غير انساني ۽ غير لبرل چهرو دنيا کي ڏيکاريو آهي، ان ڪري عالمي سطح تي عالمي ھڪ ھٽي سرمائيداري تهذيبي بحران، ماحولياتي تباهي ۽ جنگ جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ ان وٽ ڪو به اخلاقي جواز نه بچيو آهي.

اھڙين ٻڏتر وارين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ڏسي ته ڪهڙي طرف ڏسي؟ ايندڙ ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ دنيا جو عالمي منظرنامو تبديل ٿيڻ وارو آهي. ترقي جو سفر اولهه کان اوڀر، اتر کان ڏکڻ ۽ ايشيا ڏانهن رخ ڪري رهيو آهي. جتي اڃان جمهوري ڀائيواري ۽ عوام جي اقتدار  جي منزل اولھھ کان به گھڻو پري آهي. پر جڏهن اسان سلطنتن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا يا ٻن عظيم جنگين جي سببن جو مطالعو ڪريون ٿا ۽ گذريل ڏهاڪن ۾ سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سرد جنگ جي پڄاڻي ڏسون ٿا ۽ پوءِ هڪ قطبي دنيا جي زوال جي ابتدا يا واحد سپر پاور جي زوال جو آغاز ۽ ھڪ گھڻ قطبي دنيا کي اڀرندي ڏسون ٿا تھ وڏن خطرن کان خالي نھ آھي. هينئر کان وٺي ٽين عالمي جنگ جي امڪانن ۽ ان جي ممڪن سدباب جون  ڳالهيون  ٿي رهيون آهن. انھن ئي ڏينھن ۾ ، ايپيڪ، ايشياپئسفڪ اقتصادي تعاون  جو اجلاس آمريڪا ۾ پڄاڻي تي پهتو آھي.جنهن ۾ صدر بائيڊن ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ هڪ سربراه ملاقات ٿي.  لڳي ٿو ته ڇڪتاڻ گهٽي آهي ۽ آمريڪا ۽ چين هڪ معاهدي ڏانهن وڌي رھيا آهن. پر چين جي صدر جي عالمي انسانيت سان مستقبل جڙيل ھئڻ جي خواهش،عالمي سرمائي جي خونخوار جبلت اڳيان ڪڏھن رڪجي سگھندي ۽ ڇا چين وري مارڪسزم ڏانهن موٽندو يا وري هڪ نئون سپر پاور بڻجي اڀرندو…؟ مائوزي تنگ، هڪ دفعي چيو ھو  ته دنيا ۾ ڳڙٻڙ آهي حالتون ڪافي بھترين آهن. شايد هن اها ڳالهه چين جي سيڪيورٽي نقطه نظر کان ڪئي ھئي دنيا ۾ واقعي ڳرٻڙ گھڻي آهي ۽ صورتحال بھ خراب آهي. پاڪستان ۾تھ  اسان  حالت خراب ڪرڻ تي اھڙي ڳنڊ ٻڌي ويھي رھيا آهيون  جو ڪنهن جي به پرواهه ناهي. بي بي جمهوريت کي تھ فارغ ڪيو ويو آهي، معيشت بحال نه ٿي رهي آهي ۽ عوام کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. ان کان اڳ جو ھڪ ٻيو نسل ضايع ٿئي،ڪو تھ سرپرست بڻجي. اهڙو نھ ھجن جيڪي مقدر ٻوڙڻ وارا ھجن، اهي جيڪي نئين تقدير جا محافظ بڻجي وڃن ! توهان ڪٿي آهيو، مستقبل جا سرپرستو ؟

 

ان فرق سان ته جيڪو هڪ ڀيرو بي مثال ھو، اهوعبرت جو نشان بڻجي ويو ۽ جيڪو هڪ اڳ ان عمل جو شڪار ٿيو، اهو هاڻي هڪ دلڪش لاڏلي بڻجڻ جي خفت کي لڪائي نھ پيو لڪائي. هي اهو تماشو آهي، جيڪو پتو ناھي ڪڏھن  ختم ٿئي ۽ جمهوريت آمريت جي اذيتن کان آزاد ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.