حيدرآباد(رپورٽر) ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن، عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران "ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي” واري نعري هيٺ 3 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان کي وقتائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته سماج ۾ ميرٽ جي بحالي، نوان رستا ۽ مسئلن جي حل ڳولڻ وارو ڪم سياسي جماعتن جو هوندو آهي، پر سياسي جماعتن جي اندر جيڪڏهن ميرٽ نه هوندي ته اهي سماج ۾ ميرٽ جي بحالي وارو ڪم ڪڏهن نه ڪري سگهنديون، سياسي جماعتون پارٽي عهدن تي ميرٽ تي ماڻهن کي چونڊين، چونڊن ۾ ٽڪيٽ پئسي ۽ طاقت بجاءِ قابليت، ذهانت جي بنياد تي عوامي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ماڻهن کي ڏني وڃي، بدقسمتي سان سياسي جماعتون تنظيمي طور تي ميرٽ کان گهڻو پري بيٺل آهن. اهڙو اظهار هنن عوامي آواز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان سلسلي ۾ نامياري دانشور اعجاز قريشي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هتي ميرٽ ڪڏهن رهي ئي ناهي، خاص طور تي سياسي جماعتن جي اندر ميرٽ جو نالو نشان ئي موجود ناهي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ اسيمبلي ۾ انتهائي پڙهيا لکيا وڏي سوچ رکندڙ ماڻهو چونڊجي ايندا هئا، پر هاڻ ائين ناهي، سنڌ ۾ وڏيرا شاهي، زمينداري ۽ سرداري نظام ماڻهن کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، اهي ساڳيا سردار ۽ وڏيرا بنا ڪنهن ميرٽ جي اسيمبلين ۾ اچي وڃن ٿا، سياسي جماعتن ۾ ڪڏهن ميرٽ جو خيال ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن کان وڌيڪ عرصو پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي آهي، پر اڄ به شهرن ۾ گٽرن کي ڍڪڻ نه لڳي سگهيا آهن، يونيورسٽين اندر ميرٽ ختم ٿي وئي آهي، استاد ميرٽ تي نٿا اچن، شاگردن جي امتحانن جا نتيجا ڏسي جڏهن شاگردن سان ڳالهائجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ ميرٽ جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي، نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ميرٽ کي رڳو ڪاغذن ۽ ڳالهين تائين محدود ڪيو ويو آهي، نوڪريون، تعليمي ادارن ۾ داخلائون هجن يا وري سياسي جماعتن ۾ عهديدارن ۽ چونڊن ۾ اميدوارن جي چونڊ ڪٿي به ميرٽ جو خيال نٿو ڪيو وڃي، وڏين سياسي جماعتن، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ(ن) ۽ پي ٽي آئي سميت ٻين وفاقي پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين ۾ ڪا به ميرٽ ناهي، اهي جماعتون رڳو اهو ٿيون ڏسن ته سندن اميدوار يا پارٽي عهديدار وٽ پيسو ڪيترو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي ته مڪمل طور تي وڏيرن ۽ سردارن جي پارٽي آهي، اهڙي طرح ان جي مخالف جي ڊي اي به مريدن ۽ ساڳي مٿين طبقي جي جماعت آهي، هن چيو ته جڏهن سياسي جماعتون ميرٽ تي پنهنجا اميدوار چونڊن ۾ ناهن آڻينديون ته اهي اميدوار چونڊن کٽڻ بعد اسيمبلي ۾ روبوٽ جيان ويٺل هوندا آهن، انهن روبوٽن کي پارٽي جو سربراهه جيڪو به حڪم ڪندو آهي هو ان کي پورو ڪندا آهن، انهن چونڊيل نمائندن ۾ ڳالهائڻ جي همت ناهي هوندي، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف عوامي مفاد متاثر ٿين ٿا پر جمهوريت به مضبوط نٿي ٿئي. هن چيو ته سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت رهي آهي، ان دوران ميرٽ کي مڪمل طور تي پوئتي ڌڪيو ويو، هر شعبي ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي، ڪرپشن بي انتها وڌي آهي، نتيجي طور جيتري ڪرپشن وڌي پئي سماج اوترو تباهه ٿيندو پيو وڃي. سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو ته عوامي آواز پاران ثقافتي ڏهاڙو ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي واري نعري هيٺ ملهائڻ وارو فيصلو وقتائتو آهي. هن چيو ته هاڻ ڄاڻ تائين رسائي جا ڪيترائي ذريعا پيدا ٿي چڪا آهن، جديد ٽيڪنالوجي واري هن دور ۾ هاڻ ميرٽ کانسواءِ هلي نه سگهبو، ان ڪري سماج کي رستو ڏيکاريندڙ سياسي جماعتن ۾ ميرٽ ۽ جمهوريت جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. سماجي اڳواڻ واحد سنگراسي چيو ته سياسي جماعتن اڃا تائين پنهنجي تنظيمي جوڙجڪ ۾ ميرٽ جي حد ئي مقرر ناهي ڪئي، پهريان ته سياسي جماعتون پنهنجي اندر ميرٽ کي بحال ڪن، ان کانپوءِ پنهنجي پارٽي منشور کي ميرٽ تي ٺاهن. هن چيو ته هن ملڪ ۾ سياسي جماعتون چونڊن ۾ پنهنجي اميدوار جي ميرٽ جا ماپا پيسو، طاقت ۽ تڪ ۾ سندس اثر رسوخ بڻائي ويٺيون آهن، پر جيڪڏهن ميرٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سڀ کان پهريان اهو ڏسڻ گهرجي ته سياسي جماعتون جيڪي اميدوار سليڪٽ ڪن ٿيون ڇا اهي ميرٽ جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ڇا هو تعليم يافته هجڻ سان گڏ عوامي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ آهن، هنن ۾ قانون سازي ڪرڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي. سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي چيو ته سياسي جماعتن کي جمهوريت جي بقاءَ جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ ميرٽ جو خاص خيال ڪرڻ گهرجي، انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سياسي جماعتن اندر ميرٽ ناهي، سياسي جماعتون پنهنجي تنظيمي جوڙجڪ ۾ اليڪٽورل ريفارمس آڻي نه سگهيون آهن، ميرٽ تي پورو لهندڙ ڪارڪن اڳيان نٿو اچي سگهي، اسان جي سماج ۾ صحتمند چٽا ڀيٽي وارو عمل به متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته سياسي جماعتن کي ميرٽ جي بنيادن تي ڪارڪنن کي اڳيان آڻڻو پوندو، ڪارڪنن جو سماجي قد ڪاٺ وڌائڻ جي ضرورت هوندي آهي، سياسي جماعتون ئي سماج کي رستو ڏينديون آهن، جيڪڏهن سياسي جماعتن ۾ ئي ميرٽ نه هوندي ته پوءِ اهي سماج کي ڪهڙو رستو ڏيکارينديون.