وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ ڪميٽي رد ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي تنظيم وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز نگران وفاقي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ڪوئيٽا پريس ڪلب ٻاهران مظاهري کي خطاب ڪندي تنظيم جي چيئرمين نصرالله بلوچ چيو ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ ۾ مخلص ناهي ۽ هر حڪومت عالمي برادري کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڪميشن ٺاهيندي آهي.سندس چوڻ هو ته هر حڪومت ايندي آهي ۽ هڪ ڪميشن يا ڪميٽي ٺاهيندي آهي جنهن جو مقصد عالمي برادري کي اهو ٻڌائڻ هوندو آهي ته هو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنجيده آهن.سندس چوڻ هو ته اهڙي ئي هڪ ڪميٽي نگران حڪومت به ٺاهي آهي.نصرالله بلوچ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪميٽي هڪ اهڙي شخص جي اڳواڻي ۾ ٺاهي وئي آهي جنهن هميشه ظلم جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هميشه بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلم جي حمايت ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته اهڙي تڪراري شخص کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪنهن مثبت اڳڀرائي جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟هن الزام هڻندي چيو ته نگران حڪومت جي اچڻ سان نه رڳو جبري گمشدگين جا ڪيس پر اهڙن ماڻهن کي جعلي مقابلن ۾ مارڻ جا ڪيس به وڌي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.