چڪوال جي مدرسي ۾ وحشانيت، استادن جي کٿابين سان زيادتي ۽ تشدد

چڪوال(م ڊ)  چڪوال جي مدرسي ۾ وحشانيت جي انتها ٿي وئي، مدرسي ۾ استادن معصوم طالبن سان زيادتي ڪرڻ سان گڏ  چاقو سان  تشدد ڪيو آهي. پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو،  جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيا ويا آهن. پوليس موجب متاثر جي پيءُ جي فرياد تي صدر ٿاڻي تي استادن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي جو چوڻ آهي ته سندس 12 ورهين جو پٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان پريشان هو، کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ايف آءِ آر موجب ٻارڙي جو چوڻ آهي ته کيس مدرسي جي ٻن استادن زيادتي جو نشانو بڻايو. مقامي اسپتال  اها به تصديق ڪئي وئي آهي ته ٻارن جي جسم تي چاقو جا نشان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.