ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل جي هدايتن تي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ ۾ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايپٽي ٽيوڊ ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) سال 2023-24 جي ٽيسٽ اڄ ورتي ويندي، جنهن ۾ سموري صوبي جا 41 هزار شاگرد حصو وٺندا،. ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ لاءِ ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ 15 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ايندا، اهڙي طرح ڄامشورو ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز سينٽر ۾ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ 13 هزارن جي لڳ ڀڳ شاگرد، جڏهن ته شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ بلاول اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ سينٽر قائم ٿيل آهي جتي 4 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد ٽيسٽ ڏيندا ۽ لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 9 هزارن جي لڳ ڀڳ شاگرد ٽيسٽ ڏيندا.