ڊاڪٽر اسماعيل اچڪزئي جي جبري گمشدگي تي ينگ ڊاڪٽرن جو الٽيميٽم

ڪراچي (رپورٽر )  فيروز آباد ٿاڻي جي حد مان مبينا کنڀي گم ڪيل اسماعيل اچڪزئي جي آزادي لاءِ پاڪستان ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. جنهن ۾  ڊاڪٽر محبوب نوناري ڳالهائيندي چيو ته محمد اسماعيل اچڪزئي 11 نومبر شام 4 بجي گهر کان کڻي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي اسان نٿا چاهيون ته اسان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالون بند ڪري روڊن تي اچون اسان کي ان تي مجبور نه ڪيو وڃي،هن چيو ته 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا ڊاڪٽر اسماعيل اچڪزئي کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي گم ٿيل ڊاڪٽر جي مائٽ وزير خان ٻڌايو ته پوليس طرفان ڪنهن به ڪيس بابت ڪا آگاهي نه ٿي ڏني وڃي بلوچستان جي ڊاڪٽر بهار شاھ چيو ته ڊاڪٽر اسماعيل اچڪزئي تي غير قانوني پرڏيهين جا ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو الزام آهي ان لاءِ به قانون موجود آهي ان کي قانون طور سزا ڏني وڃي ۽ سڀني کي خبر ته پرڏيهين جا ڪارڊ ڪير به پيو ٺاهي ڏي هن چيو ته اسان ڊاڪٽر آهيون گهڻو تنگ ڪيو ويو ته ملڪ ڇڏي هليا وينداسين، ڊاڪٽر لال ملڪ چيو ڊاڪٽر اسماعيل جناح اسپتال ۾ پنهنجي ڊيوٽي ۾ رڌل هوندو آهي  ڪنهن به اهڙي قسم جي ايڪٽوٽي ناهي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.