ڪراچي (رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثارکهڙو چيو آهي ته پ پ عوام جي اتحاد تي يقين رکي ٿي، بيڪ ڊور سياست اسان نٿاڪيون، 18 ترميم بحال ڪرڻ ۾ پ پ جو اهم ڪردار آهي. پ پ جي اڳواڻ نثارکهڙو سٽي ڪورٽ ۾ پيپلزلائزر فورم جي ممبر سازي ڪميپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته وڪيلن کي پاڪستان جو محافظ سمجهون ٿا، پاڪستان ٺاهڻ وارو به وڪيل ۽ پاڪستان بچائڻ وارو به وڪيل هو. وڪيلن جي ذميواري آهي ته هو آئين ۽ قانون جي حفاظت ڪن. نثار کهڙو چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪهڙو ڪم آهي ته اليڪشن جي تاريخ جي معاملي تي مداخلت ڪري. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته نوازشريف پنجاب مان مايوس ٿي سنڌ اچي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي مان ٻوري بند لاش ملندا هئا،جنهن تي نواز شريف آپريشن ڪرايو هو.