ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي ڊيفنس فيز 7 ايڪسٽينشن ڀرسان خالي پلاٽ ۾ موجود پلاسٽڪ جي ڊرم مان عورت جو لاش ھٿ آيو آهي. علائقي واسين پاران واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو. ڏکڻ ضلعي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. ترجمان موجب لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ته عورت کي ڪھڙي نموني قتل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب لاش جي سڃاڻپ قيوم آباد جي رھواسڻ 25 کان 30 سالن جي حسينا طور ٿي آهي. ڊي آءِ جي اسد رضا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عورت جي حضرت الله نالي شخص سان دوستي آهي، حضرت الله فيز 8 ۾ چيني ڪمپني ۾ ڊارئيور آهي ۽ عورت جا سڃاڻيندڙ شعيب ۽ حضرت الله فرار ٿي ويا آهن سندن ڳولا جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو لاش ڊرم ۾ اڇلائڻ واري واقعي جا ڪي به سي سي ٽي وي فوٽيج ناھن مليا، جاچ شروع جاري آهي.