ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ڪراچي پوليس چيف آفيس تي حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻن جوابدارن عبدالعزيز ۽ مهراڻ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ٻنهي جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي، پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار عبدالعزيز ۽ مهراڻ تي ڪي پي او حملي ۾ سهولتڪاري جو الزام آھي، جڏهن ته حملو ڪندڙ ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو ھو، ڪيس ۾ مولوي شير زمان، عمر فاروق ۽ ٽي ٽي پي جو ترجمان محمد خراساني گهربل آهن، ڪراچي پوليس چيف آفيس تي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ھئا، گرفتار ٻنهي جوابدارن کي 13 مارچ تي ناردرن باءِ پاس وٽان گرفتار ڪيو ويو هو، واضح رهي ته ڪراچي پوليس چيف آفيس تي 18 فيبروري 2023 تي حملو ڪيو ويو ھو.