ڪنڌ ڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڄام واهي انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ،هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ علي محمد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ٻيو زخمي پوليس اهلڪار مير دوست جکراڻي زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر منتقل،پوليس واقعي کي مقابلو ڄاڻائي ڇڏيو 7 ڪلاڪن بعد پوليس پاران مقابلي جي پريس رليز جاري رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي جي ڄام واھي وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ علي محمد ملڪ ۽ پوليس اهلڪار مير دوست جکراڻي زخمي ٿي پيا جن کي سي سيڪشن ٿاڻي جي گشت ڪندڙ پوليس موبائيل بروقت کڻائي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ علي محمد ملڪ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ ٻئي زخمي پوليس اهلڪار گهوڙاگهاٽ ٿاڻي تي پوليس ڊرائيور طور ڊيوٽي ڪندڙ مير دوست جکراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.اهڙي واقعي جي خبر شهرين کي پوڻ بعد شهري وڏي انگ ۾ سول اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا.ان معاملي تي زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪار کان معاملي جي جاچ ورتي وئي ته ڇا هي روڊ حادثو آ ته پوليس اهلڪار زخمي حالت ۾ پنهنجو موقف ڏنو ته اسان کي ماريو ويو آهي. ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته علي محمد ملڪ ۽ پوليس اهلڪار مير دوست جکراڻي مٿان ٿيندڙ حملو ڪارنهن تڪرار جو معاملو آهي.ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته پوليس اهلڪار مير دوست مٿان هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي ۽ ان فائرنگ جي وڪڙ ۾ علي محمد ملڪ به شڪار ٿي ويو.
مارجي ويل علي محمد ملڪ اشتهاري جوابدار قرار
ڪنڌڪوٽ:پوليس پاران مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڏوهاري علي محمد ملڪ کي روپوش اشتهاري جوابدار قرار ڏنو ويو.پوليس پاران علي محمد ملڪ مٿان 4 ڪيس ظاهر ڪيا ويا جيڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي داخل هجڻ جو ظاهر ڪيو ويو.
علي محمد ملڪ جو لاش شرط مڃڻ بعد وارثن حوالي،ميڊيا تي موقف کان انڪار
ڪنڌڪوٽ:پوليس پاران مقابلي ۾ ماريل مبيناڏوهاري علي محمد ملڪ جو لاش 9 ڪلاڪن بعد هڪ شخص پاران وچ ۾ پوڻ ۽ پوليس جا ڪجه شرط مڃڻ بعد مبينا ڏوهاري علي محمد ملڪ جو لاش سندس جي سئوٽ رب نواز ملڪ جي حوالي ڪيو ويو جيڪو سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ طرف کڻائي ويو پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل مبينا ڏوهاري علي محمد ملڪ جي سئوٽ ميڊيا کي ڪوبه موقف نه ڏنو ۽ ميڊيا کي بغير موقف ڏيندي مڙه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد پوليس جي موجودگي ۾ کڻائي ويو.
ٽن ڦورن موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ مارجي ويو: پوليس ترجمان
ڪنڌڪوٽ:ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحل کوسو جي ترجمان پاران پريس رليز جاري ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڄام واهي لاڙي وٽ گهر کان ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار کان 3 ڦورن پاران موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ سان پوليس اهلڪار گھوڙاگھٽ ٿاڻي جو موبائيل ڊرائيور ميردوست جکراڻي سخت زخمي ٿي پيو ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو علي محمد ملڪ مارجي ويو پوليس پهچي زخمي اهلڪار ۽ ڦورون جو لاش سول اسپتال کڻائي آندو سندن ساٿي ڦورو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب ڦورو علي محمد ملڪ مٿان ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن سندن جو وڌيڪ رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
پوليس مقابلو يا ڪارنهن معاملو؟موقف ۾ تضاد
ڪنڌڪوٽ:سول اسپتال ۾ موجود سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان معاملي بابت آگاهي وٺڻ تي هن ٻڌايو ته هي ڪارنهن معاملو آهي پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.جڏهن ته ايس ايڇ او جي اهڙي موقف جي 7 ڪلاڪن بعد پوليس ترجمان پاران پوليس مقابلي جي پريس رليز جاري ڪئي وئي.