ممبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ ۾ ڪيچ پڪڙڻ دوران انجري جو شڪار ٿيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شرياس اَئير جو پهريون باظابطا بيان سامهون اچي ويو.
ڀارتي ون ڊي ٽيم جي نائب ڪپتان شرياس اَئير پنهنجي انجري بابت بيان ۾ مداحن کي صحت جي حوالي سان هاڪاري خبر ڏني آهي.
ڪرڪيٽر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مداحن جا ٿورا مڃيندي ٻڌايو ته هو هوريان هوريان صحتياب ٿي رهيو آهي.
هن لکيو ته ” مان هن وقت صحتيابي واري مرحلي ۾ آهيان ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان، توهان جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن لاءِ ٿورائتو آهيان، جيڪي مون لاءِ اهميت رکن ٿيون، توهان سڀني جي مهرباني جو توهان مون کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکيو.“
ٻئي پاسي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) هڪ بيان ۾ چيو ته اَئير جي حالت هاڻي بهتر آهي، اڱاري تي ڪيل اسڪين ۾ واضح بهتري ڏٺي وئي آهي ۽ شرياس هوريان هوريان بهتريءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي.
You might also like