پختونخوا ۾ سينيٽ جي ننڍي چونڊ دوران پي ٽي آءِ جو حمايت يافتا آزاد اميدوار ڪامياب

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار خرم ذيشان ڪامياب ٿي ويو.
خيبرپختونخوا اسيمبليءَ ۾ شبلي فراز جي نااهلي سبب سينيٽ جي خالي سيٽ لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيو.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، 145 جي ايوان مان 137 ميمبرن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
تحريڪ انصاف جي حمايت يافتا اميدوار خرم ذيشان 91 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي.
مسلم ليگ نون جي حمايت يافتا آزاد اميدوار تاج محمد آفريدي 45 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جو انگ 92 آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جا 53 رڪن آهن.
ننڍي چونڊ دوران هڪ ووٽ رد ڪيو ويو، اين اين پي جي چئن ميمبرن اليڪشن بائيڪاٽ سبب ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، جڏهن ته جي يو آءِ جو اڪرم خان دراني، پي ٽي آءِ جي رڪن ناديه شير، پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي رڪن فرزانه ۽ آزاد ميمبر علي هادي غير حاضر رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.